Share this link via
Personality Websites!
پهريون وَصف اهو بيان ٿيو ته حضرت عثمانِ غني رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ رات جو گهڻا سجدا ڪندڙ، نمازون پڙهندڙ آهن. مُصَنَّف اِبْنِ ابي شيبه ۾ روايت آهي، مسلمانن جي ٽئين خليفي حضرت عثمانِ غني رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ جو معمول مبارڪ هو ته پاڻ هميشه نفلي روزا رکندا هئا ۽ رات جي شروعاتي حصي ۾ آرام فرمائي باقي رات عبادت ۾ گذاريندا هئا.[1]
هڪ رڪعت ۾ پورو قرآن پڙهندا هئا
سندن زوجه محترمه فرمائن ٿيون: حضرت عثمانِ غني رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ سڄي رات عبادت ڪندا هئا ۽ (کين تلاوتِ قرآن سان اهڙي محبت هئي جو) هڪ ئي رڪعت ۾ پوري قرآن جي تلاوت فرمائي وٺندا هئا.[2]
حضرت عبدالرحمٰن تَيمي رَحْمَةُ الله عَلَيه فرمائن ٿا: هڪ رات مان ڪعبه شريف جي ويجهو (يعني مسجدِ حرام ۾) هيس، مون عشاء جي نماز اتي ئي ادا ڪئي، پوءِ مقامِ ابراهيم وٽ بيهي رهيس، ايتري ۾ مسلمانن جا ٽيان خليفه اَمِيرُالْمُؤمِنِين حضرت عثمانِ غني رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ تشريف فرما ٿيا، پاڻ سورة فاتحه کان قرآنِ ڪريم جي تلاوت شروع ڪئي ۽ تلاوت ڪندا ويا، ڪندا ويا، ايستائين جو پورو قرآنِ ڪريم مڪمل ختم ڪري ورتائون.[3]
سُبْحٰنَ الله! پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! ڪيڏو نه ذوقِ عبادت آهي، هڪ ئي رڪعت ۾ پورو قرآن تلاوت ڪري وٺڻ ڪيتري نه همت جي ڳالهه آهي ۽ ان تي استقامت به ڏسو! پاڻ اهو نيڪ ڪم روزانو ڪندا هئا. پاڻ رَضِیَ اللہُ عَنه جي هي ئي اها شان آهي جيڪا قرآنِ ڪريم ۾ بيان ٿي:
ہُوَ قَانِتٌ اٰنَآءَ الَّیۡلِ سَاجِدًا وَّ قَآئِمًا
يعني حضرت عثمانِ غني رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ اهي بلند شان وارا آهن جن جون راتيون سجدي ۽ قيام ۾ الله پاڪ جي عبادت ڪندي، فرمانبرداري ڪندي گذرن ٿيون.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami