Usman e Ghani Ke 3 Ausaf

Book Name:Usman e Ghani Ke 3 Ausaf

(1): رات جو  عِبَادت ڪرڻ وارا

پهريون وَصف اهو بيان ٿيو ته حضرت عثمانِ غني رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ رات جو گهڻا سجدا ڪندڙ، نمازون پڙهندڙ آهن. مُصَنَّف اِبْنِ ابي شيبه ۾ روايت آهي، مسلمانن جي ٽئين خليفي حضرت عثمانِ غني رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ جو معمول مبارڪ هو ته پاڻ هميشه نفلي روزا رکندا هئا ۽ رات جي شروعاتي حصي ۾ آرام فرمائي باقي رات عبادت ۾ گذاريندا هئا.[1]

هڪ رڪعت ۾ پورو قرآن پڙهندا  هئا

سندن زوجه محترمه فرمائن ٿيون: حضرت عثمانِ غني رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ سڄي رات عبادت ڪندا هئا ۽ (کين تلاوتِ قرآن سان اهڙي محبت هئي جو) هڪ ئي رڪعت ۾ پوري قرآن جي تلاوت فرمائي وٺندا هئا.[2]

حضرت عبدالرحمٰن تَيمي رَحْمَةُ الله عَلَيه فرمائن ٿا: هڪ رات مان ڪعبه شريف جي ويجهو (يعني مسجدِ حرام ۾) هيس، مون عشاء جي نماز اتي ئي ادا ڪئي، پوءِ مقامِ ابراهيم وٽ بيهي رهيس، ايتري ۾ مسلمانن جا ٽيان خليفه اَمِيرُالْمُؤمِنِين حضرت عثمانِ غني رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ تشريف فرما ٿيا، پاڻ سورة فاتحه کان قرآنِ ڪريم جي تلاوت شروع ڪئي ۽ تلاوت ڪندا ويا، ڪندا ويا، ايستائين جو پورو قرآنِ ڪريم مڪمل ختم ڪري ورتائون.[3]

سُبْحٰنَ الله! پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! ڪيڏو نه ذوقِ عبادت آهي، هڪ ئي رڪعت ۾ پورو قرآن تلاوت ڪري وٺڻ ڪيتري نه همت جي ڳالهه آهي ۽ ان تي استقامت به ڏسو! پاڻ اهو نيڪ ڪم روزانو ڪندا هئا. پاڻ رَضِیَ اللہُ عَنه جي هي ئي اها شان آهي جيڪا قرآنِ ڪريم ۾ بيان ٿي:

ہُوَ قَانِتٌ اٰنَآءَ  الَّیۡلِ سَاجِدًا وَّ قَآئِمًا

 يعني حضرت عثمانِ غني رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ اهي بلند شان وارا آهن جن جون راتيون سجدي ۽ قيام ۾ الله پاڪ جي عبادت ڪندي، فرمانبرداري ڪندي گذرن ٿيون.


 

 



[1]... مصنف ابن ابی شیبہ، کتاب صلاۃ التطوع،باب من کان یامر بقیام اللیل،جلد:2،صفحہ:173، حدیث:6۔

[2]... الزہد لامام احمد، زُہدعثمان بن عفان، صفحہ:167، حدیث:673 ۔

[3]... کتاب الزُہد لابن المبارک، جز:10 ، صفحہ:362حدیث:1276خلاصۃً۔