Book Name:Usman e Ghani Ke 3 Ausaf
حضرت عثمانغني رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ جو مختصر تعارف
پيارا اسلامي ڀائرو! ٭ حضرت عثمانِ غني رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ صحابيءِ رسول آهن ٭ سرڪارِ عالي وقار، مڪي مَدَني تاجدار صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن جي پُڦي صاحبه حضرت اُمِّ حڪيم رَضِيَ اللهُ عَنْهَا جا ڏوهٽا آهن يا ائين چئجي ته ٿوري پري جي رشتي سان مالِڪِ جنّت، قاسِمِ نعمت صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن جا ڀاڻيجا ٿين٭سابقينِ اَوَّلِين مان آهن يعني شروعات ۾ ئي اسلام قبول ڪري دائرهءِ اسلام ۾ داخل ٿي ويا هئا، اسلام قبول ڪرڻ ۾ سندن چوٿون يا پنجون نمبر آهي،٭عشره مبشره (يعني زبانِ مصطفيٰ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن جي زبان مبارڪ مان جنّت جي بشارت حاصل ڪندڙ 10 صحابهءِ ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان) مان آهن ٭سرڪارِ اعظم، رسولِ اڪرم صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن حضرت عثمانِ غني رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ سان ايتري محبت فرمائيندا هئا جو پاڻ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن هڪ هڪ ڪري پنهنجون ٻه صاحبزاديون حضرت عثمان رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ جي نڪاح ۾ ڏنيون.[1] ان سبب سان کيس ذُوالنُّورَين (يعني ٻن نورن وارا صحابي) پڻ چيو ويندو آهي.
نُور کی سرکار سے پایا دوشالہ نُور کا ہو مُبَارک تُم کو ذُو النُّوْرَیْن جوڑا نُور کا([2])
٭ حديثِ پاڪ ۾ آهي: الله پاڪ مون ڏانهن وحي فرمائي ته مان پنهنجي ٻن ڌيئرن جو نڪاح عثمان سان ڪيان.[3]٭هڪ حديثِ پاڪ ۾ فرمايائون: جيڪڏهن منهنجون 100 ڌيئرون هجن ها، انهن مان هڪ جي وفات ٿئي ها ته مان ٻي عثمان جي نڪاح ۾ ڏيان ها، ان جو انتقال ٿئي ها ته مان ٽئين عثمان جي نڪاح ۾ ڏيان ها، ايستائين جو مان پنهنجون 100 جون 100 صاحبزاديون هڪ هڪ ڪري عثمان جي نڪاح ۾ ڏئي ڇڏيان ها.[4] ٭ مولاءِ ڪائنات، مولا علي رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ کان حضرت عثمان غني رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ بابت سوال ڪيو ويو ته فرمايائون: عثمان اهو آهي جنهن کي ملائڪَ ذُوالنُّورَين