Usman e Ghani Ke 3 Ausaf

Book Name:Usman e Ghani Ke 3 Ausaf

میں نے مانا کہ حامِدؔ گنہگار ہے                 مَعْصِیَت کیش ہے اور خَطا کار ہے

میرے مولیٰ  مگر تُو تَو غَفَّار ہے                 کہتی رحمت ہے مجرِم  سے  لَاتَقْنَطُوْا

اللہ ٗ         اللہ ٗ         اللہ ٗ          اللہ ٗ([1])

اُميدِ رحمت جو هڪ تقاضو

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جي معاشري ۾ هڪ وڏو عجيب معاملو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، هڪ طرف ته مايوسي عام آهي، رزق ۾ تنگي ٿي وئي، ڪا پريشاني اچي وئي، ڏک، تڪليفون اچي ويون ته ماڻهو مايوس ٿي وڃن ٿا، ٻئي طرف اُميد جي غلبي جي اها حالت آهي ته جڏهن ڪنهن بي نمازي کي نماز جي دعوت ڏني وڃي، ڪنهن کي گناهه ڇڏڻ، نيڪ ڪم ڪرڻ جي دعوت ڏني وڃي ته سامهون کان جواب ملي ٿو: مولانا صاحب! الله پاڪ وڏو مهربان آهي، اهو اسان کي بخشي ئي ڇڏيندو. اهي بي باڪي وارا جملا آهن. اهڙين ڳالهين کان اسان کي بچڻ گهرجي. ياد رکو! الله پاڪ جي رحمت کان اُميد رکڻ جو هرگز اهو مطلب ناهي ته اسان ان جون نافرمانيون شروع ڪري ڇڏيون، فرضن ۽ واجبن جي به بلڪل پرواهه نه ڪريون ۽ چئون ته الله پاڪ رحمٰن ۽ رحيم آهي، گناهه ڪري به وٺون ته ڪا ڳالهه ناهي، الله پاڪ بخشي ئي ڇڏيندو. الله پاڪ جي رحمت کان اُميد رکڻ جو به اصل ۾ تقاضو اهو ئي آهي ته اسان ڪثرت سان عبادت ڪريون، فرض به پورا ڪريون، واجبات به پورا ڪريون، نفل عبادتون به خوب ڪريون، پوءِ الله پاڪ جي رحمت کان اُميد به لڳايون ته اهو رب رحمٰن ۽ رحيم آهي، اسان جي ناقص عبادت کي پنهنجي پاڪ بارگاهه ۾ قبول فرمائي پنهنجي رحمت سان جنّت عطا فرمائي ڇڏيندو.

اُميدِ رحمت جو اصل مطلب

حضرت يحيٰ بن مُعاذ رازي رَحْمَةُ الله عَلَيه الله پاڪ جا وڏا نيڪ ٻانها هئا، انهن تي عموماً اُميدِ رحمت جو غلبو رهندو هو. ان باوجود پاڻ ڪثرت سان عبادت ڪندا هئا، هڪ ڏينهن ڪنهن پڇيو: سائين! اوهان تي اُميد غالب


 

 



[1]...بیاضِ پاک ،صفحہ:12۔