Book Name:Usman e Ghani Ke 3 Ausaf
(اللهُ اڪبر! اي عاشقانِ رسول! حضرت عثمانِ غني رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ ڪو گناهه جو ڪم نه ڪيو هو، الله پاڪ جي ناراضگي وارو ڪو ڪم نه ٿيو هو، پر جيڪو سچو عاشق هوندو آهي، ان کي بس هر وقت اهو ئي فڪر لڳل هوندي آهي ته ڪٿي منهنجو محبوب مون کان ناراض نه ٿي وڃي، حضرت عثمانِ غني رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ کي به اهڙيءَ طرح فڪر لڳل هئي، پاڻ زمين ڏانهن چهرو ڪري ليٽيل هئا، مٿو مٿي نه کڻي رهيا هئا، ڄڻ پنهنجي طور تي اظهارِ ندامت ڪري رهيا هئا.) جڏهن سلطانِ انبياء، محبوبِ خُدا صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن پنهنجي پياري صحابي حضرت عثمانِ غني رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ جي ڳالهه ٻڌي ته فرمايائون: عثمان! هي جبريل عَلَيهِ السَّلام آهي، مون کي خبر ڏئي رهيو آهي ته تون آسمان وارن جو نور آهين، اهلِ زمين ۽ اهلِ جنّت جو چراغ آهين.[1]
جو دِل کو ضیا دے جو مقدر کو جِلا دے وہ جلوۂ دیدار ہے عثمانِ غنی کا
جس آئینہ میں نُورِ اِلٰہی نظر آئے وہ آئینہ رُخسار ہے عثمان غنی کا([2])
پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت عثمانِ غني رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ جي صدقي ڪاش! اسان کي به خوفِ خُدا نصيب ٿي وڃي، ڪاش! اسان کي به اهو احساس هر وقت تڙپائيندو رهي ته افسوس! ڪٿي منهنجو رب مون کان ناراض نه ٿي وڃي. افسوس! ڪٿي قبر ۾ پڪڙجي نه وڃان، قيامت جي ڏينهن حساب نه ورتو وڃي، هاءِ! هاءِ! جيڪڏهن قيامت جي ڏينهن منهنجي گناهن جو دفتر کوليو ويو، منهنجي گناهن سبب منهنجو رب مون کان ناراض ٿي ويو، افسوس! جيڪڏهن مون کي رحمت کان محروم ڪري جهنّم ۾ وجهڻ جو حڪم ڏنو ويو ته منهنجو ڇا ٿيندو...!!
آج بنتا ہوں معزز جو کھُلے حشر میں عیب آہ! رُسوائی کی آفت میں پھنسوں گا یارَبّ!
گر تُو ناراض ہوا میری ہلاکت ہو گی ہائے میں نارِ جہنّم میں جلوں گا یارَبّ!
دَرْدِ سَر ہو یا بُخار آئے تَڑپ جاتا ہوں میں جہنّم کی سزا کیسے سہوں گا یارَبّ!
عَفْو کر اور سدا کے لئے راضی ہو جا گر کرم کر دے تَو جنّت میں رہوں گا یارَبّ! ([3])