Book Name:Muhabbat e Ilahi Ka Amali Izhar
تائين سنتِ ابراهيمي کي زنده رکڻو هو، ان لاءِ حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام گهيٽو ئي ذبح ڪري ڇڏين ها، تڏهن به ڪافي هو، حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام وٽ هزارن جي تعداد ۾ جانور موجود هئا، اهي سڀ جا سڀ قربان ڪري ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏجي ها، تڏهن به هي هڪ وڏي قرباني هجي ها پر الله پاڪ پٽ ئي قربان ڪرڻ جو حڪم ڏنو، آخر ان ۾ ڪهڙو راز آهي؟
مُفسرينِ ڪرام ان جي حڪمت بيان فرمائي ته اصل ۾ ڳالهه هيءَ آهي ته الله پاڪ پوڙهائپ جي عمر ۾ حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام کي پٽ عطا فرمايو، هاڻي ماءُ پيءُ کي اولاد سان فطري طور تي محبت هوندي آهي، ان ۾ ڪو حرج به نه آهي بلڪه هي محبت هئڻ گهرجي، دين ۾ ان جي ترغيب ڏياري وئي آهي پر حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام ڪا گهٽ رتبي واري شخصيت نه هئا، پاڻ خَلِیْلُ الله هئڻ جي بلند ترين مقام تي فائز هئا تنهنڪري غَارَ عَلَیْہِ سُبْحَانُہٗ فَاخْتَبَرَ سو الله ڪريم کي غيرت آئي ته الله پاڪ سندن امتحان ورتو. ([1])
جڏهن هي امتحان ٿيو ته حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام پنهنجي سڪيلڌي پٽ جي ڳلي تي ڇُري رکي عملي طور تي اظهار ڪري ڇڏيو ته اي مالڪِ ڪريم! مان پٽ سان محبت ڪريان ٿو پر پنهنجي لاءِ نه بلڪه تنهنجي ئي رضا لاءِ ڪريان ٿو، منهنجي دل ۾ صرف ۽ صرف تنهنجي ئي محبت آهي، باقي جنهن جنهن جي محبت آهي، اها تنهنجي ئي رضا لاءِ آهي.
پيارا اسلامي ڀائرو! هي آهي اهو راز جنهن لاءِ پٽ جي قرباني جو حڪم ڏنو ويو، اهو ئي اهو درس آهي جيڪو اسان کي هر سال ياد ڏياريو ويندو آهي.