Muhabbat e Ilahi Ka Amali Izhar

Book Name:Muhabbat e Ilahi Ka Amali Izhar

فَانْظُرْ مَا ذَا تَرٰىؕ-قَالَ یٰۤاَبَتِ افْعَلْ مَا تُؤْمَرُ٘-سَتَجِدُنِیْۤ اِنْ شَآءَ اللّٰهُ مِنَ الصّٰبِرِیْنَ(۱۰۲)

فَلَمَّاۤ اَسْلَمَا وَ تَلَّهٗ لِلْجَبِیْنِۚ(۱۰۳) وَ نَادَیْنٰهُ اَنْ یّٰۤاِبْرٰهِیْمُۙ(۱۰۴) قَدْ صَدَّقْتَ الرُّءْیَاۚ-اِنَّا كَذٰلِكَ نَجْزِی الْمُحْسِنِیْنَ(۱۰۵) اِنَّ هٰذَا لَهُوَ الْبَلٰٓؤُا الْمُبِیْنُ(۱۰۶) (سيپارو: 23، سوره صافات: 100. 106)

پهتو ته ابراهيم چيُس: اي منهنجا پٽ! مون خواب ۾ ڏٺو ته مان توکي ذبح ڪري رهيو آهيان. هاڻي تون ڏس ته تنهنجي ڇا راءِ آهي؟ پٽ چيو: اي منهنجا پيءُ! تون اهو ڪر جنهن جو توکي حڪم ڏنو پيو وڃي اِنْ شَآءَ اللہ عنقريب تون مون کي صبر ڪرڻ وارن مان لهندين. پوءِ جڏهن انهن ٻنهي (اسان جي حڪم تي) ڪنڌ جهڪايو ۽ پيءُ پٽ کي پيشاني ڀر لِٽايو (ان وقت جو حال نه پڇ) ۽ اسان ان کي پڪاريو ته اي ابراهيم! بيشڪ تو خواب سچو ڪري ڏيکاريو اسان نيڪي ڪرڻ وارن کي اهڙو ئي صلو ڏيندا آهيون. بيشڪ اها ضرور ظاهر آزمائش هئي.

حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام جي هن بي مثال قرباني مان اسان کي گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ ملي ٿو، مثال طور: ٭ ان ۾ اطاعت ۽ فرمانبرداري جو درس آهي ٭ ان ۾ ايثار ۽ قرباني جو درس آهي ٭ ان ۾ والدين جي فرمانبرداري جو درس آهي ٭ ان ۾ ربِّ ڪريم جي رضا لاءِ تن من ڌن جي قرباني پيش ڪرڻ جو درس آهي ٭ ان کان علاوه ٻيا به گهڻا ئي سبق آهن جيڪي اسان کي هن قرباني مان سکڻ لاءِ ملن ٿا پر اڄ جيڪا ڳالهه اسان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻي آهي، اها هيءَ آهي ته آخر ربِّ ڪائنات حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام کي پٽ قربان ڪرڻ جو ئي حڪم ڇو ڏنو؟ ان ۾ ڪهڙو راز آهي؟ ڪهڙي حڪمت لڪيل آهي؟ ڏسو! قيامت