Muhabbat e Ilahi Ka Amali Izhar

Book Name:Muhabbat e Ilahi Ka Amali Izhar

رسالت ۾ پيش ڪرڻ لڳا ته جيئن اهڙن رحمت ڀرين هٿن سان سڀ کان پهريان مون کي قربان ٿيڻ نصيب ٿئي. ([1])

 صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب!    صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

سُبْحٰنَ اللہ! ڪهڙي نرالي شان آهي...! اسان وٽ جڏهن جانور کي قرباني لاءِ آندو ويندو آهي ته اهو ڇُڙي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ڪيئي ڀيرا ته وڏو جانور ڇُڙي ڀڄي به ويندو آهي ۽ ڪافي نقصان ڪري وجهندو آهي، پر اسان جي آقا و مولا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن جي نرالي شان تي هزار جانيون قربان...! يقيناً هر هڪ کي جان پياري هوندي آهي پر هي ڪمال آهي آمنه جي لعل، رسولِ بي مثال صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جو ته جانورَ به سندن ڪرم واري هٿ سان قربان ٿيڻ کي زندگي کان بهتر سمجهن ٿا.

ہر اِک کی آرزو ہے پہلے مجھ کو ذَبح فرمائیں           تماشا کر رہے ہیں مرنے والے عیدِ قرباں میں([2])

    پيارا اسلامي ڀائرو! عشق وارن جا انداز نرالا آهن، هتي سچي عاشقِ رسول، شيخِ طريقت، امير اهلسنت مولانا الياس قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه جو جذبو ڏسو! لکن ٿا:

اُونٹ بن گیا ہو تا اور عیدِ قرباں میں                       کاش! دستِ آقا سے نحر ہو گیا ہوتا

کاش! ایسا ہو جاتا خاک بن کے طیبہ کی                     مصطفےٰ کے قدموں سے میں لپٹ گیاہوتا ([3])

    الله ڪريم اسان سڀني کي عشقِ رسول جي اهڙي باڪمال نعمت نصيب فرمائي.اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن   صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب!                                                صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد


 

 



[1]...ابو داؤد، کتاب المناسک ،باب فی الہدی اذا …الخ،صفحہ:286 ،حدیث:1765خلاصۃً۔

[2]...ذوقِ نعت ،صفحہ:192۔

[3]...وسائلِ بخشش ،صفحہ:158 - 159 ملتقطًا۔