Muhabbat e Ilahi Ka Amali Izhar

Book Name:Muhabbat e Ilahi Ka Amali Izhar

المدينه بالغان ۽ بالغات قائم ڪيا ويا آهن، جن ۾ پڙهندڙن جو تعداد تقريبن 4 لک 26 هزار کان وڌيڪ آهي. ٭ فيضان آن لائن اڪيڊمي ذريعي تقريبن 24 هزار شاگرد ۽ شاگردياڻيون ديني تعليم حاصل ڪري رهيا آهن.   ٭ هاڻي تائين تقريبن 21 دار الافتاءِ اهلسنت قائم ڪيا ويا آهن، جن ۾ شرعي رهنمائين جو تعداد ماهوار درمياني طور 20 هزار آهي. ٭ المدينةُ العلميه (اسلامڪ ريسرچ سينٽر) ذريعي ديني لٽريچر تي تحقيقي ڪم سرانجام ڏنو پيو وڃي، اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! هن شعبي تحت هن وقت تائين تقريبن 1784 ڪتابن ۽ رسالن تي ڪم ٿي چڪو آهي، هن شعبي ۾ سوين مدني علماءِ ڪرام خدمتون سرانجام ڏين ٿا. الله پاڪ جي ڪرم سان دعوتِ اسلامي انهن مدني عالمن کي باقاعده پگهارون ڏيندي آهي. ٭ ديني لٽريچر جي اشاعت لاءِ دعوتِ اسلامي پنهنجو اشاعتي ادارو مڪتبة المدينه قائم ڪيو، جتي بهترين ۽ خوبصورت انداز سان ڪتاب شايع ڪيا وڃن ٿا، تقسيم رسائل (يعني مختلف ڪتاب ۽ رسالا مفت تقسيم ڪرڻ) جو به سلسلو هوندو آهي ۽ ڪتاب وڪرو به ٿيندا آهن. ٭ دنيا ڀر ۾ ديني ڪمن جي ڌوم مچائڻ لاءِ دعوتِ اسلامي جو پورو تنظيمي سيٽ اپ آهي، ذيلي حلقي کان وٺي مرڪزي مجلسِ شوريٰ تائين پورو هڪ نظام قائم آهي، شهر شهر، ڳوٺ ڳوٺ ذميوار موجود آهن. ٭ عاشقانِ رسول جي تربيت ڪري انهن کي ديني ڪمن لاءِ ملڪ ۽ بيرون ملڪ موڪليو ويندو آهي، انهن کي باقاعده پگهارون ڏنيون وينديون آهن ۽ اهي فارغ البال (يعني ڪمائڻ کان بي پرواهه) ٿي دين جي خدمت ڪندا آهن. ٭ ميڊيا جي مختلف پليٽ فارمن تي به خدمتِ دين جو سلسلو جاري آهي. ٭ پرنٽ ميڊيا (۾ گهڻن ڪتابن ۽ رسالن سان گڏ ماهوار فيضانِ مدينه جي اشاعت جو سلسلو جاري آهي جيڪو هن وقت دنيا جي 7 وڏين زبانن ۾ شايع ٿيندڙ ڪثير الاشاعت ماهوار آهي). ٭ سوشل ميڊيا (مثلاً