Muhabbat e Ilahi Ka Amali Izhar

Book Name:Muhabbat e Ilahi Ka Amali Izhar

وڃي ته ان جي رضا ۾ راضي رهندو آهي ٭ ڪنهن وقت ٭ ڪنهن لمحي ٭ ڪنهن حال ۾ مؤمن ٻانهو پنهنجي ربِّ ڪريم جو دروازو ناهي ڇڏيندو.

هاڻي اسان ٿورو پنهنجي حال تي غور ڪريون. اڄ عيد جو ڏينهن آهي، قرباني ڪرڻ جو ڏينهن آهي، محبتِ الٰهي جي عملي اظهار جو ڏينهن آهي، پر ٭ افسوس! عيد جي ڏينهن جانور ته قربان ٿيندا آهن پر سستي ۽ غفلت قربان ناهي ٿيندي. ٭ صد افسوس! محبتِ الٰهي جي عملي اظهار جي ڏينهن به نمازون رهجي وينديون آهن بلڪه ٭ ڪجهه ماڻهو قرباني کي ئي بهانو بڻائي وٺندا آهن، مثلاً قاصائي دير سان آيو، ان جي انتظار ۾ جماعت گذري وئي، ڪپڙن تي رت لڳي ويو هو، قرباني ڪندي ڪندي وقت لڳي ويو ۽ نماز قضا ٿي وئي...!! اَلْاَمَان وَالحفیظ! ڄڻ ته اها شيءِ جيڪا الله پاڪ جي حضور جهڪڻ جو درس ڏيندي آهي (يعني قرباني) اسان انهيءَ کي بهانو بڻائي الله پاڪ جي حضور حاضري کان محروم رهجي ويندا آهيون. ٭ اهڙيءَ طرح اڄ خوشي جو ڏينهن آهي، ڪيترا اهڙا ماڻهو آهن جيڪي عيد جو ڏينهن فضوليات ۾ گذاري ڇڏيندا آهن بلڪه ٭ گناهن ڀريا ڪم ڪيا ويندا آهن ٭ گانا ٻڌا ويندا آهن ٭ عيد جي ڏينهن اسپيشل فلمون ڏٺيون وينديون آهن ٭ گناهن ڀريون محفلون سجايون وينديون آهن ٭ پڪنڪ جي نالي تي ٭ سير و تفريح جي نالي تي ٭ پارڪن ۾    ٭ تفريح گاهن ۾ ٭ درياهن جي ڪناري ٭ سمنڊ جي ڪناري بدنظري جو سامان هوندو آهي ٭ گناهن ڀريا ڪم ٿيندا آهن ۽ ٭ ڪجهه ماڻهو ته مَعَاذَ الله! شراب به پيئندا آهن (الله پاڪ جي پناه.)

ڇا هي آهي عيد ملهائڻ جو انداز...!! اسان ٻڌو! مؤمن ٻانهو هر حال ۾ الله پاڪ سان محبت ڪندو آهي، خوشي به ملهائي ته الله پاڪ جي رضا وارا ڪم