Book Name:Muhabbat e Ilahi Ka Amali Izhar
مال خرچ ڪندا آهن ٭ اسان مسلمان جيڪڏهن الله پاڪ جو هر حڪم مڃيندا آهيون ته ڪافر به پنهنجي باطل دين جي پيروي ڪندا آهن. پوءِ ڪهڙي وجهه آهي؟ هي ڇو فرمايو ويو ته ڪافر پنهنجن ڪوڙن خدائن سان ايتري پڪي محبت نه ڪندا آهن جيتري پڪي محبت مسلمان پنهنجي سچي خدا سان ڪندا آهن؟
مُفسرينِ ڪرام هن سوال جو جواب ڏنو، لکن ٿا: غير مسلم پنهنجن ڪوڙن خدائن لاءِ سڀ ڪجهه ڪندا آهن پر جڏهن انهن تي ڪو مشڪل وقت ايندو آهي ته پنهنجن ڪوڙن خدائن کان منهن موڙي وٺندا آهن. الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
فَاِذَا رَکِبُوۡا فِی الۡفُلۡکِ دَعَوُا اللّٰہَ مُخۡلِصِیۡنَ لَہُ الدِّیۡنَ ۬ۚ (سيپارو: 21، العنڪبوت: 65)
ترجمو ڪنزُ العرفان: پوءِ جڏهن ماڻهو ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيندا آهن ته الله پاڪ کي پڪاريندا آهن هن حال ۾ جو انهيءَ جي لاءِ دين کي خالص ڪندا آهن.
تفسير
صراطُ الجنان ۾ آهي: زمانهءِ جاهليت جا ماڻهو سامونڊي سفر ڪندي وقت پنهنجن بتن کي ساڻ
کڻي ويندا هئا، دورانِ سفر جڏهن هوا مخالف هلندي هئي ۽ ٻيڙي ٻڏي وڃڻ جو خطرو پيدا
ٿي ويندو هو ته اهي ماڻهو بتن کي درياهه ۾ اڇلائي ڇڏيندا هئا ۽ يَا رَبّ! يَا
رَبّ! پڪاريندا هئا.
هي آهي ڪافر ۽ مؤمن جي
محبت ۾ فرق...!! جڏهن مشڪل پوي ته ڪافر پنهنجن ڪوڙن خدائن کي ڇڏي ڏيندا آهن پر مؤمن
ٻانهي جي هي شان آهي ته ان تي ڪهڙو به وقت اچي، ان جي دل مان محبتِ الٰهي گهٽ نه ٿيندي
آهي ٭ مؤمن کي خوشي
ملي تڏهن به هي الله پاڪ کي ياد ڪندو آهي ٭ ان کي غم پهچي، پوءِ
به الله پاڪ کي ئي پڪاريندو آهي ٭ ان کي جڏهن رزق ملي ته الله پاڪ جو شڪر ادا ڪندو آهي ٭ تنگدستي اچي