Hazrat Ibrahim Ke 3 Ausaf

Book Name:Hazrat Ibrahim Ke 3 Ausaf

  قَالَ اللهُ جَلَّ شَانُہٗ (يعني الله پاڪ فرمايو):

 اِنَّ اَوْلَی النَّاسِ بِاِبْرٰھِیْمَ لَلَّذِیْنَ اتَّبَعُوْہُ وَ ھٰذَا النَّبِیُّ وَ الَّذِیْنَ  اٰمَنُوْا ؕ وَ اللّٰہُ وَلِیُّ  الْمُؤْمِنِیْنَ (۶۸)

 وَقَالَ فِی مَقَامٍ آخَر (۽ الله پاڪ جَلَّ شَانُہٗ هڪ ٻئي مقام تي فرمايو):

اِنَّ  اِبْرٰھِیْمَ  لَحَلِیْمٌ  اَوَّاہٌ   مُّنِیْبٌ (۷۵)

صَدَقَ اللہُ الْعَظِیْم وَ صَدَقَ رَسُوْلُہٗ النَّبِیُّ الْکَرِیْم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! سنتِ ابراهيميءَ جي ادائيگي يعني قربانيءَ جا بابرڪت ڏينهن اچڻ وارا آهن، خوش نصيب ماڻهو الله پاڪ ۽ ان جي پياري محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي حڪم تي عمل ڪرڻ ۽ حضرت ابراهيم خليلُ الله عَلَیْهِ السَّلَام جي سنت کي ادا ڪرڻ لاءِ خدا جي راهه ۾ جانور قربان ڪندا، جيڪي ماڻهو قرباني ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندا، الله پاڪ انهن سڀني جي ڪوشش ۽ محنت ۽ هن نيڪ عمل کي پنهنجي پاڪ بارگاهه ۾ قبول فرمائي ۽ جيڪي ويچارا قرباني ڪرڻ جي طاقت نٿا رکن، الله پاڪ انهن کي به وسعت سان نوازي ۽ نيڪ نيتي ۽ خوش دليءَ سان قرباني ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي.  اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم 

اے مسلماں! سُن یہ نکتہ درسِ قرآنی میں ہے عظمتِ اسلام و مُسْلِم صرف قربانی میں ہے

حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام  جو مقرب ڪير؟

    سيپارو:3، سورة آلِ عمران، آيت: 68 ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو:

اِنَّ اَوْلَی النَّاسِ بِاِبْرٰھِیْمَ لَلَّذِیْنَ اتَّبَعُوْہُ وَ ھٰذَا النَّبِیُّ وَ الَّذِیْنَ  اٰمَنُوْا ؕ وَ اللّٰہُ وَلِیُّ  الْمُؤْمِنِیْنَ (۶۸)

(سيپارو: 3، آلِ عمران: 68)

ترجمو ڪنزُالعرفان: بيشڪ سڀني ماڻهن کان وڌيڪ ابراهيم جا حقدار اهي آهن جيڪي سندس جي پيروي ڪرڻ وارا آهن ۽ هي نبي ۽ ايمان وارا ۽ الله ايمان وارن جو مددگار آهي.