Share this link via
Personality Websites!
قرباني واجب هجي ته وڏو جانور وٺي ستن ئي طرفان ذبح ڪيو ته سڀني جي قرباني ٿي ويندي. * اهڙي طرح ڪنهن ٻئي زندهه ماڻهوءَ (مثال طور والدين، عزيز رشتيدار وغيره) طرفان قرباني ڪري ڇڏي، تڏهن به هي قرباني انهيءَ جي طرفان ٿيندي، پنهنجو واجب ادا نه ٿيندو. تنهن ڪري جنهن تي قرباني واجب هجي، ان کي گهرجي ته خاص پنهنجي ئي طرفان الڳ قرباني ڪري يا وڏي جانور ۾ پنهنجو الڳ حصو ملائي. اڃا قربانيءَ جا ڏينهن باقي آهن، خدانخواسته ڪو اهڙي غلطي ڪري ويٺو هجي ته ان کي گهرجي ته جانور خريد ڪري پنهنجو واجب ادا ڪري. الله پاڪ اسان کي درست اسلامي احڪام سکڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي.
اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
اسماءُ الحسنيٰ جون برڪتون (وظيفو)
یَا رَافِعُ
جيڪو روزانو 20 ڀيرا یَارَافِعُ پڙهندو، ان جي مراد پوري ٿيندي([1]) اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami