Book Name:Ayyam e Hajj Aur Tabligh e Mustafa
ها، پاڻ ڪريم صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ انهن کي جنت جو رستو ڏيکاريندا ها. اهي ظلم ۽ ستم کان باز نه ايندا هئا، پاڻ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ نيڪي جي دعوت جو ڪم بند نه ڪندا هئا. پاڻ ڪريمن جو اهو تاريخي جملو به ياد ڪريو: پاڻ ڪريم صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ فرمايو هو: جيڪڏهن اهي منهنجي ساڄي هٿ تي سج ۽ ٻئي هٿ تي چنڊ به رکي ڇڏين، تڏهن به مان هن ڪم کي ڪڏهن به نه ڇڏيندس.[1]
پوءِ شعبِ ابي طالب جو واقعو ياد ڪريو! پيارا محبوب صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ نيڪي جي دعوت ڏيندا هئا، غير مسلم ان تي نارض ٿيندا هئا. آخرڪار انهن گڏجي پاڻ ڪريم صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ ۽ سندن حمايت ڪندڙن کان سماجي بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو. پاڻ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ ۽ سندن جا ساٿي ۽ خاندان وارا ٽي سال شعبِ ابي طالب (ٻن پهاڙن جي وچ ۾ هڪ وادي) ۾ رهيا. ڪافر کاڌو پاڻي وغيره ڪجھ به انهن تائين وڃڻ نه ڏيندا هئا. حالت اها هئي جو شعبِ ابي طالب ۾ رهڻ وارن مسلمانن تي بک جو غلبو هو، ٻار بک ۽ اڃ جي ڪري تڙپندا، روئندا هئا، هي ڪافر ننڍن ٻارن جون رڙيو ٻڌي کلندا هئا. اهي عظيم عاشقِ رسول ڪيترائي ڏينهن بک برداشت ڪندا هئا، ڪڏهن ڪڏهن بک وڌي ويندي هئي ته وڻن جا پن اُٻاري کائيندا هئا. حضرت سعد ابن ابي وقاص رَضِیَ اللّٰهُ عَنْهُ جو بيان آهي ته هڪ رات کيس سُڪل چمڙي جو ٽڪرو مليو، پاڻ رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ هن کي ڌوئي، باھ تي سِيڪيو پوءِ پاڻيءَ ۾ ڳاري ۽ ستوءَ وانگر پيئي پنھنجي پيٽ جي بُک مٽائي.(الرَّوضُ الْأُنُف ج۲ ص ۱۶۱)
وہ بھوکی بچیوں کا رُوٹھ کر فِی الفَور مَن جانا خدا کا نام سُن کر صَبر کی تصویر بن جانا
تڑپنا بھوک سے کچھ روز آخِر جان کھودینا وہ ماؤں کا فلک کو دیکھ کر چُپ چاپ رو دینا
رِضا وصَبر سے دِن کٹ گئے اِن نیک بختوں کے کہ کھانے کے لیے ملتے رہے پتّے درختوں کے
گزارے تین سال اِس رنگ سے ایمان والوں نے دِکھادی شانِ اِستِقلال اپنی آن والوں نے