Book Name:Ayyam e Hajj Aur Tabligh e Mustafa
سُبْحٰنَ الله! پيارا اسلامي ڀائرو! اندازو ڪيو ته نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ ڪيترو عظيم ترين ڪم آهي. انبياءِ ڪرام عَلَیْہمُ السَّلَام ، جيڪي سڄي مخلوق کان افضل ۽ اعلى، نهايت بلند مرتبو رکندڙ آهن، الله پاڪ انهن کي به نيڪيءَ جي دعوت عام ڪرڻ لاءِ موڪليو. ڪاش! اسان به انبياءِ ڪرام عَلَیْہمُ السَّلَام جي سيرت جي نقشِ قدم تي هلندي نيڪيءَ جي دعوت عام ڪرڻ وارا بڻجي وڃون. الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
كُنْتُمْ خَیْرَ اُمَّةٍ اُخْرِجَتْ لِلنَّاسِ تَاْمُرُوْنَ بِالْمَعْرُوْفِ وَ تَنْهَوْنَ عَنِ الْمُنْكَرِ )پارہ:4،سورۂ آلِ عمران:110) ترجموڪنزالعرفان: (أي مسلمانو!) توهان ڀلي اُمت آهيو جيڪا ماڻهن (جي هدايت) جي لاءِ ظاهر ڪئي وئي، توهان ڀلائي جو حڪم ڏيندا آهيو ۽ برائي کان منع ڪندا آهيو
معلوم ٿيو، نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ ۽ برائيءَ کان روڪڻ هر مسلمان جي ذميواريءَ ۾ شامل آهي، پر افسوس! اڄ مسلمانن جي اڪثريت انهن ذميوارين کان منهن موڙي چڪي آهي. نه ڄاڻ ڪٿان هڪ عجيب سوچ اچي وئي آهي؛ اسان سمجهون ٿا ته نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ ۽ برائيءَ کان روڪڻ صرف مولوي يا امام صاحب جو ڪم آهي، باقي سڀ ڪمائين، کائين ۽ موج مستي ڪن.
پهرين ته هي ياد رکو! ”مولوي“ جو هڪ مطلب آهي: الله وارو. ([1]) جڏهن ڏٺو وڃي ته هر مسلمان ئي الله وارو آهي، يعني جيڪو الله پاڪ کي مڃي ٿو. اسان مان شايد ئي ڪو پاڻ کي شيطان وارو چوڻ لاءِ تيار هجي. جيڪڏهن سڀئي الله وارا آهن ته پوءِ سڀئي مولوي ٿيا، ها، جنهن ڏاڙهي ناهن رکي، اها ان جي غلطي آهي. ڏاڙهي نه رکڻ وارو، ديني علم نه سکڻ وارو ٻيڻو ڏوهاري آهي. هڪ ته اُن ڏاڙهي نه رکي، ضروري ديني علم نه سکيو ۽ ٻيو ته نيڪيءَ جي دعوت به نٿو