Madine Mein Marne Ke Fazail

Book Name:Madine Mein Marne Ke Fazail

شريف جي غلاف ۽ غلافِ ڪعبه جا ٽڪرا سندن سيني پاڪ تي رکيا ويا، درٻارِ غوثِ پاڪ ۽ دربارِ داتا حضور جون چادرون رکيون ويون، نمازِ عصر کان پوءِ درود و سلام پڙهندي جنازو کنيو ويو، نمازِ جنازہه ادا ڪرڻ کان پوءِ اوهان کي مواجہه شريف(يعني پياري محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي چهريِ پاڪ) جي سامهون پيش ڪيو ويو. عاشقانِ رسول درود ۽ سلام جا نذرانا پيش ڪري رهيا هئا، ان وقت جنازي تي عجيب وجداني ڪيفيت طاري هئي، ان کان پوءِ جنازو محبوبِ ذيشان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي قدمن ۾ حاضر ڪيو ويو، هتي به درود ۽ سلام جا نذرانا پيش ٿيا، پوءِ بابِ جبريل جي طرف کان بقيعِ پاڪ ڏانهن روانو ڪيو ويو، اعليٰ حضرت جو قصيدو مبارڪ: 

کعبے کے بدر الدُّجیٰ تم پہ کروڑوں درود

۽ سلامِ رضا: 

مصطفےٰ جانِ رحمت پہ لاکھوں سلام

جون صدائون گونجي رهيون هيون، انهن ئي مبارڪ صدائن سان گڏ جنازو مبارڪ بقيعِ پاڪ پهتو.([1]) سيدي قطبِ مدينه رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه وصيت فرمائيندا هئا ته جڏهن منهنجو انتقال ٿي وڃي ته مون کي اهلِ بيتِ پاڪ جي قدمن ۾ رکي ڇڏجو، مان پاڻ ئي ڊوڙي وڃي انهن جي قدمن سان چُنبِڙي پوندس. تنهنڪري هن وصيت تي عمل ڪندي شهزاديءِ ڪونين سيده فاطمة الزهرا رَضِیَ اللہُ عَنْہا  جي قدمن جي طرف کان اوهان کي دفن ڪيو ويو.([2]) 

عشق کا پیکر شَرع کا پاسباں جاتا رہا                                                           منزلِ مَقْصُود کا روشن نشاں جاتا رہا

وہ رہا تو برکتیں ہی برکتیں تھیں بزم میں                                          وہ گیا تو برکتوں کا اِک جہاں جاتا رہا

وہ نبی کا تھا چہیتا، غوث کا تھا لاڈلا                                                                  اپنے پیر و مرشد کا دُلارا، مدح خواں جاتا رہا  ([3])

الله پاڪ اسان کي سيدي قطبِ مدينه جي سيرت ۽ اخلاق مان روشني حاصل ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي. آمين بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن              صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم 


 

 



[1]...  سیدی ضیاء الدین احمد قادری، جلد:2، صفحہ:242-244 بتصرف ۔

[2]...  سیدی ضیاء الدین احمد قادری، جلد:2، صفحہ:244 ۔

[3]... سیدی ضیاء الدین احمد القادری، جلد:2، صفحہ:329۔