Book Name:Padosi Ke Huqooq (Qist 2)
جنهن جنهن معاملي ۾ ان کي اسان جي ضرورت هجي، ساٿ نڀائڻ گھرجي! ياد رکو! نمازِ جنازهه فرض ڪفايه آهي (يعني ڪجهه ماڻهن پڙھي ورتي ته سڀني جو فرض ادا ٿي ويو پر جيڪڏهن ڪنهن به نه پڙھي ته جنهن جنهن کي خبر پئي اهي سڀئي گنھگار ٿينداا). ([1]) نمازِ جنازهه پڙھي دفڻ ڪرڻ لاءِ قبرستان تائين وڃڻ به پاڙيسريءَ جو حق آهي.
سِکڻ سيکارڻ جي حلقن ۾ ياد ڪرائي ويندڙ دعا
بِسْمِ اللّٰہ تَوَکَّلْتُ عَلَی اللّٰہ لَاحَوْلَ وَلَاقُوَّۃَ اِلَّا بِاللّٰہ
ترجمو: اللہ پاڪ جي نالي سان، مون اللہ پاڪ تي ڀروسو ڪيو گناهه کان بچڻ جي قوت ۽ نيڪي ڪرڻ جي طاقت صرف اللہ پاڪ جي طرف کان ئي آهي.([2])
اجتماعي جائزي جو طريقو (72 نيڪ اعمال)
روزانو 56 نيڪ اعمال:
(1): سٺيون سٺيون نيتون ڪيون؟ (2): پنج ئي نمازون باجماعت ادا ڪيون؟ (3): هر نماز کان اڳ ۾ نماز جي دعوت ڏني؟ (4): رات جو سُوْرَةُ الْمُلْک پڙھي يا ٻڌي ورتي؟ (5): هر نماز کان پوءِ آيةُ الڪرسي، تسبيحِ فاطمه، سُوْرَةُ الْاِخلاص پڙھيون؟ (6): ڪنز الايمان مان 3 آيتون يا صراطُ الجنان مان 2 صفحا ترجمي ۽ تفسير سان پڙھيا يا ٻڌا؟ (7): شجري جا اوراد پڙھيا؟ (8): 313 ڀيرا درود شريف پڙھيو؟ (9): اکين کي گناهن کان بچايو؟ (10): ڪنن کي گناهن کان بچايو؟ (11): فضول نظري کان بچندي نگاهون جهڪائي رکيون؟ (12): 12