Padosi Ke Huqooq (Qist 2)

Book Name:Padosi Ke Huqooq (Qist 2)

سگھي، ته ان جي ٻارن کي سٺي تعليم ڏيارڻ. * پاڙيسري وٽ پنهنجي ڀيڻ يا ڌيءَ جي شادي جي لاءِ وسيلا نه آهن ته اهي وسيلا مهيا ڪري ڏيڻ * پاڙيسري بيمار آهي ۽ علاج نه ٿو ڪرائي سگھي ته ان جو علاج  وغيرهه ڪرائڻ. نبي ڪريم، رئوف الرحيم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم فرمايو: جيڪو اللہ ۽ آخرت تي ايمان رکندو آهي، ان کي گھرجي ته پنهنجي پاڙيسري تي احسان ڪري. ([1]) 

ٻيو حق:   تڪليف نه ڏيڻ 

وضاحت: ان ڳالهه جو خيال رکڻ گھرجي ته اسان جي طرفان پاڙيسري کي ڪنهن به قسم جي تڪليف نه پهچي، نه هٿن سان، نه زبان سان، نه ڪردار سان. پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جي بارگاهه ۾ عرض ڪيو ويو: يا رسول اللہ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم! فلاڻي عورت ڏينهن جو روزو رکندي آهي، رات جو قيام ڪندي آهي (نمازون به پڙھندي آهي) ۽ پنهنجن پاڙيسرين کي تڪليف به پهچائيندي آهي. پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم فرمايو: اها (عورت) جهنمي آهي. ([2]) 

مختصر شرح: يعني پاڙيسرين کي تڪليف ڏيڻ جهنمين جو ڪم آهي، جيڪڏهن اها عورت پنهنجي هن ڪم کان توبهه نه ڪري (يعني پاڙيسرين کان معافي ۽ تلافي نه ڪري) ته جهنم ۾ ويندي، ان جا نفل ڪم نه ايندا، ڇو ته نفلن سان ماڻهن جا حق معاف نه ٿيندا آهن.([3]) 

ٽيون حق:  جنازي تي حاضر ٿيڻ 

وضاحت: خدا نه ڪري جيڪڏهن پاڙيسري يا ان جو ڪو عزيز وفات ڪري وڃي ته ان جي غم ۾ مڪمل شرڪت ڪرڻ، غسل ۽ ڪفن کان وٺي تدفين تائين،


 

 



[1]....مسلم ،كتاب الايمان،باب  الحث علی اکرام الجار اوالضَّیف ،صفحہ:42،حدیث:48۔

[2]....شعب الایمان،باب فی اکرام الجار،جلد:7،صفحہ:79،حدیث:9546۔

[3]....مرآۃ المناجیح ،جلد:6 ،صفحہ:577،بتغیر قلیل ۔