Padosi Ke Huqooq (Qist 2)

Book Name:Padosi Ke Huqooq (Qist 2)

تي هجي، ان کي پري جو پاڙيسري چئبو آهي.([1]) علماءِ ڪرام فرمائن ٿا: گھر جي ساڄي پاسي، کاٻي پاسي، اڳيان ۽ پويان 40، 40 گھر پاڙيسري آهن.([2]) جيڪڏهن فليٽ وغيرهه ۾ رھندا آهيو ته مٿان ۽ هيٺان وارا گهر پڻ پاڙيسرين ۾ شامل آهن. 

فرمانِ مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم

    پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم فرمايو: اللہ پاڪ جو قسم اهو جنت ۾ نه ويندو جنهن جي شر کان سندس پاڙيسري محفوظ نه آهي.([3]) 

پاڙيسرين جا 3 حق

     پاڙيسري چاهي نيڪ هجي يا گنھگار، دوست هجي يا دشمن، اسان تي ان جا ڪيترائي حق آهن. جن مان 3 اسان اڳ ۾ سکي چڪا آهيون ۽ 3 اڄ سکنداسين. اچو ته! پهريان اڳ ۾ سکيل حق ورجايون ٿا: (1): پاڙيسريءَ جي ضرورت پوري ڪرڻ (2): بيمار هجي ته عيادت ڪرڻ (3): غمخواري ڪرڻ

 

     وڌيڪ 3 حق جيڪي اڄ سکنداسين: 

    پهريون حق:    احسان ڪرڻ

وضاحت:  بغير بدلي جي نيڪي کي احسان چئبو آهي.([4]) يعني سامهون واري کان شڪريي يا بدلي جي اميد رکڻ کان سواءِ صرف ۽ صرف اللہ پاڪ جي رضا جي لاءِ ان سان نيڪي ۽ ڀلائي ڪرڻ کي احسان چئبو آهي. مثال طور: * پاڙيسري تنگدست آهي ۽ پنهنجن ٻارن کي سٺي تعليم نه ٿو ڏياري


 

 



[1]...تفسير  مدارك التنزيل ،پارہ :5 ،سورۂ النساء  ،تحت الآیت :36، جلد:1 ،صفحہ:357۔

[2]...نعیمی ،پارہ:5،سورۂ النساء،تحت الآیت:36،جلد:5،صفحہ:84۔

[3]....مسلم ،كتاب الايمان،باب بيان التحريم ايذاء الجار،صفحہ:41،حدیث:46۔

[4]....لمعات التنقیح،كتاب الایمان،جلد:1،صفحہ:208،تحت الحدیث :2۔