Book Name:Padosi Ke Huqooq
اسان جو اخلاقي فرض آهي ته پنهنجي پاڙيسري جو احساس ڪريون ۽ هر طرح سان ان جي مدد ڪريون.
ٻيو حق: عيادت ڪرڻ
وضاحت: بيمار جي حال چال پڇڻ کي عيادت چئبو آهي.[1] عيادت ڪرڻ پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي پياري سُنّت آهي. اسان جو پاڙيسري بيمار ٿي وڃي ته اُن جي گهر وڃي سندس عياد ڪئي وڃي. بيمار جي علاج ۾ ان جو ساٿ ڏنو وڃي. جيڪڏهن اُن کي ڪو کاڌو ڏيڻ وارو ناهي ته اُن کي کاڌو ڏنو وڃي. اُن جي شفا جي لاءِ دُعا ڪئي وڃي. اُن جي گهر جي ڪمن ۾ ان جو ونڊايو وڃي. حديث پاڪ ۾ آهي: پاڙيسري جي حقن مان هي به آهي ته جڏهن هُو بيمار ٿي پئي ته ان جي عيادت ڪئي وڃي.[2]
ٽيون حق: غمخواري
وضاحت: ڏُک تڪليف ۾ شريڪ ٿيڻ غمخواري آهي.[3]يعني پاڙيسري کي جيڪڏهن ڪا مصيبت پهچي، مثال طور: * ان جو ڪو عزيز فوت ٿي وڃي * ڪا شيءِ گم ٿي وڃي * ڪو نقصان ٿي وڃي * ڪاروبار بند ٿي وڃي* الغرض ڪهڙي به مصيبت هجي، ان سان گڏ رهڻ، تسلي ڏيڻ، ان جي نقصان کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ، اهو سڀ غمخواري ئي آهي.
\ سکڻ سيکارڻ جي حلقن ۾ ياد ڪرائي ويندڙ دعا
ڪنهن قوم کان خطري جي وقت جي دعا
اَللّٰھُمَّ اِنَّا نَجْعَلُکَ فِیْ نُحُوْرِھِمْ وَ نَعُوْذُبِکَ مِنْ شُرُوْرِھِم
ترجمو: اي الله! اسان توکي دشمنن جي مُقابلي ۾ آڻيون ٿا ۽ انهن جي شرارتن