Book Name:Padosi Ke Huqooq
هيٺيان گهر به پاڙي ۾ شامل هوندا.
فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم 3 ڀيرا فرمايو: الله پاڪ جو قسم...!! اهو ٻانهو مؤمن ناهي، الله پاڪ جو قسم...!! اهو ٻانهو مؤمن ناهي، الله پاڪ جو قسم...!! اهو ٻانهو مؤمن ناهي. عرض ڪيو ويو: يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! ڪير مؤمن ناهي؟ فرمايائون: جنهن جي شر کان ان جو پاڙيسري محفوظ نه هجي.[1]
يعني جيڪو پاڙيسري کي تڪليف پهچائيندو آهي، ان جي حق تلفي ڪندو آهي ، ان جو ايمان ڪامل نه آهي، ناقص آهي.[2]
پاڙيسري جا 3 حق
پاڙيسري چاهي نيڪ هجي يا گنهگار، دوست هجي يا دشمن، اسان تي ان جا ڪيترائي حق آهن. جن مان 3 اڄ اسين سکنداسون.
پهريون حق: حاجت پوري ڪرڻ
وضاحت: پاڙيسري جي حقن مان آهي ته جيڪڏهن هو پنهنجي حاجت ۾ مدد گهري ته ان جي مدد ڪئي وڃي، مثال طور: * عام طور تي شادي، وِهانءُ يا فوتگي وغيره جي موقعي تي کٽ، بسترو يا پنهنجن مهمانن کي رھائڻ لاءِ اوطاق وغيره گهرندا آهن، اسان جو پاڙيسري جيڪڏهن اسان کان اهڙي قسم جي مدد گهري. * گهر ۾ استعمال ٿيندڙ ضروري سامان جي پاڙيسري کي ضرورت پوي، مثال طور ڪڏهن ڪڏهن برف، ٿڌو پاڻي يا ايمرجنسي صورت ۾ اٽو وغيره وٺڻ ايندا آهن، اهڙي قسم جي ضرورت کي پورو ڪرڻ. * جيڪڏهن ان کي پئسن جي ضرورت هجي ته پنهنجي وس آهر ان جي مدد ڪرڻ وغيره. ۽ جيڪڏهن پاڙيسري کي اسان جي مدد جي ضرورت آهي، پر هو حياءَ سبب اسان کي نٿو چوي، تڏهن به