Book Name:Padosi Ke Huqooq
15 مئي، 2025ع سکڻ سيکارڻ جي حلقن جو جدول
(1): مختلف موضوعن تي مختصر بيان: 5 منٽ (2): دُعا ياد ڪرڻ: 5 منٽ (3): جائزو: 5 منٽ، ڪُل دورانيو: 15 منٽ.
اڄ جي سکڻ سيکارڻ جي حلقن ۾ پاڙيسري جا 3 حق سيکاريا ويندا ۽ ڪنهن قوم کان خطري جي وقت جي دعا ياد ڪرائي ويندي. آخر ۾ نيڪ اعمال جي رسالي مان اجتماعي جائزو به ٿيندو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!
آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان آهي ته: مسلمان جيستائين مون تي درود شريف پڙهندو رهندو آهي، ملائڪ ان تي رحمتون موڪليندا رهندا آهن، هاڻي ٻانهي جي مرضي آهي گهٽ پڙهي يا وڌيڪ.[1]
آيتِ مُبارڪه
الله پاڪ فرمايو:
وَ الْجَارِ ذِی الْقُرْبٰى وَ الْجَارِ الْجُنُبِ (پارہ:5،النساء :36)
ترجموڪنزالعرفان: ويجهي پاڙيسري ۽ پري جي پاڙيسري(سان سُٺو سلوڪ ڪيو).
پاڙيسري ٻن قسمن جا هوندا آهن (1) جنهن جي رهائش اسان جي ڀرسان هجي، اُن کي ويجهو جو پاڙيسري چئبو آهي (2) جنهن جي رهائش اسان کان ڪجھ فاصلي تي هجي، اُن کي پري جو پاڙيسري چئبو آهي.[2] عالم سڳورا فرمائن ٿا: هر طرف کان 40 گهرن تائين پاڙو آهي، يعني گهر جي ساڄي پاسي، کاٻي پاسي، اڳيان ۽ پويان 40، 40 گهر پاڙيسري آهن. [3] جيڪڏهن فليٽ وغيره ۾ رهن ٿا ته مٿيان ۽