Book Name:Islam Mein Mazdoron Ke Huqooq
کان 9 سال پوءِ) اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّي اللہُ عَلَيْہِ وَآلِہٖ وَسَلَّم انهن گهٽين، انهن محلن ۽ ان شهر ۾ فاتح بڻجي تشريف فرما ٿيا. هن پاڪ شهر کي ڪفر ۽ شرڪ جي گندگي کان پاڪ ڪيو ويو. ڪعبو مبارڪ، جنهن کي زمانهءِ جاهليت ۾ شرڪ سان آلودہه ڪيو ويو هو ان کي هڪ ڀيرو ٻيهر توحيد جو مرڪز بڻايو ويو. ان موقعي تي مڪي جا وڏا وڏا سردار موجود هئا، پر رسول اڪرم، نور مجسم صَلَّي اللہُ عَلَيْہِ وَآلِہٖ وَسَلَّم حضرت بلال رَضِیَ اللهُ عَنْہُ کي حڪم ڏنو...!! ڪير آهي بلال ...؟ اهو * جنهن کي غير مسلمن غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙيو هو * جنهن کي مڪي پاڪ ۾ ستايو ويو هو * جنهن کي تَتَل واريءَ تي ليٽائي سندس جسم مٿان ڳرا پٿر رکيا ويندا هئا * جنهن جي مٿان مڪي جي گهٽين ۾ پٿرن جو وسڪارو ڪيو ويندو هو، اهو ئي حضرت بلال رَضِیَ اللهُ عَنْہُ ...!! اڄ پياري آقا، رسول خدا، احمد مجتبيٰ صَلَّي اللہُ عَلَيْہِ وَآلِہٖ وَسَلَّم حڪم ڏنو: اي بلال ...!! اڄ ڪعبي جي ڇت تي چڙهي آذان ڏي ...!! ([1])
خير! حضرت بلال رَضِیَ اللهُ عَنْہُ ڪعبي جي ڇت تي چڙهيا ۽ آذان ڏيڻ شروع ڪيائون. مڪي جا وڏا وڏا سردار هي عجيب منظر پنهنجين اکين سان ڏسي رهيا هئا. سندن ذهنن ۾ خيال اڀري رهيا هئا ته ڪالهوڪو غلام اڄ ڪعبي جي ڇت تي آذان ڏئي رهيو آهي (اها سعادت ته ڪنهن وڏي رتبي واري کي ملڻ گهرجي ها)، انهن جي ذهنن ۾ اهي وسوسا اچي ئي رهيا هئا ته حضرت جبرائيل عَلَیْهِ السَّلَام حاضر ٿيا ۽ قرآن ڪريم جي هيءَ آيت نازل ٿي: ([2])
اِنَّ اَکْرَمَکُمْ عِنْدَ اللّٰہِ اَتْقٰکُمْ ؕ
(پارو: 26، سورہ حجرات: 13)
ترجموڪنزالعرفان: بيشڪ الله وٽ توهان مان وڌيڪ عزت وارو اهو آهي جيڪو توهان مان وڌيڪ پرهيزگار آهي.
يعني اهو سمجهايو ويو ته: اي انسانو ...!! اسلام ۾ عزتن جو معيار* نه آقا