Book Name:Islam Mein Mazdoron Ke Huqooq
گهٽ نه سمجهو، ڪو آقا آهي يا غلام، سيٺ آهي يا نوڪر، جيئن ته اهي سڀ حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام جي اولاد آهن تنهنڪري سڀ ڀائر آهن، ان لاءِ پنهنجي غلام، پنهنجي نوڪر، پنهنجي ملازم سان اهو ئي رويو اختيار ڪريو، جيڪو پنهنجي ڀاءُ سان اختيار ڪيو ويندو آهي، انهن کي به اهو ئي کاڌو کائڻ لاءِ ڏيو جيڪو توهان پاڻ کائيندا آهيو، انهن کي به اهو ئي پهرڻ لاءِ ڏيو جيڪو ڪجهه توهان پاڻ پهريندا آهيو...!!
سُبْحٰنَ اللہ! هيءَ ڳالهه صرف چوڻ جي حد تائين محدود نه آهي، صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہم ان تي عمل ڪري ڏيکاريو، حضرت ابوذر غفاري رَضِیَ اللهُ عَنْہُ صحابئ رسول آهن، انهن وٽ چار ڪپڙا هئا، ٻه قيمتي، ٻه گهٽ قيمت وارا، ائين به ٿي پئي سگهيو ته ٻن قيمتي ڪپڙن مان پاڻ پنهنجي لاءِ لباس ٺهرائن ها ۽ گهٽ قيمت وارا ڪپڙا پنهجي غلام کي ڏين ها، پرانهن اسلام جي تعليمات تي عمل ڪيو، هڪ قيمتي ڪپڙو پاڻ پهريائون ۽ ٻيو پنهنجي غلام کي پهرايائون.
اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! * هي اسلام آهي، جيڪو اسان کي مساوات (Equality يعني برابري ۽ انصاف) جو درس ڏئي ٿو * هي اسلام ئي آهي جيڪو هر طبقي (Class) جي ماڻهن کي انهن جي مرتبي جي مطابق حق عطا ڪري ٿو * هي اسلام ئي آهي، جيڪو هر هڪ کي ڪنڌ کڻي جيئڻ سيکاري ٿو.
اسلامي تاريخ جو هي سونهري واقعو شايد اوهان اڳ ۾ به ٻڌو هوندو، فتح مڪي جو موقعو هو، اهو شهر جتان پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّي اللہُ عَلَيْہِ وَآلِہٖ وَسَلَّم هجرت ڪري تشريف وٺي ويا هئا، اهي گهٽيون، جتي سندن جان نثارن، يعني صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہم تي ظلم ۽ ستم جي انتها ڪئي وئي هئي، اهي گهر، اهي محلا جتي مسلمانن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو هو، 9 هجري (يعني هجرتِ مدينه