Islam Mein Mazdoron Ke Huqooq

Book Name:Islam Mein Mazdoron Ke Huqooq

سوچ ويچار جي باوجود به جيڪو نه ڪري سگهيا، اَلْحَمْدُ لِلّٰہ!   دينِ اسلام اڄ کان ساڍا چوڏهن سو سال اپهريان مزدورن، اجيرن ۽ محنت ڪشن جي حقن بابت ٻڌائي ڇڏيو هو.

اسان هاڻي بخاري شريف جي حوالي سان حضرت ابوذر غفاري رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جو واقعو ٻڌو، ان ۾ هڪ غلام جو ذڪر آهي، اهو ذهن ۾ رکو ته؛ مزدور الڳ هوندو آهي ۽ غلام الڳ هوندو آهي، مزدور ۽ غلام ۾ زمين آسمان جو فرق آهي، مزدور هڪ آزاد انسان هوندو آهي، هو پنهنجو پاڻ  کي نه، پر جيتري دير هن کي ڪم ڪرڻو آهي، پنهنجي اوتري وقت کي وڪڻندو آهي ۽ ان جي بدلي ۾ اُجرت وٺندو آهي، جڏهن هن جي ڪم جو وقت ختم ٿي ويندو آهي، ان کان پوءِ هو آزاد آهي، پنهنجي مرضي سان جيڪو چاهي اهو ڪري سگهي ٿو، پر اڳوڻي دور ۾ جيڪي غلام هوندا هئا، انهن کي باقاعده قيمت ڏئي بازار مان خريد ڪيو ويندو هو. حضرت ابوذر غفاري رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جي واقعي ۾ غلام جو ذڪر آهي، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم غلام جي حقن بابت بيان ڪندي فرمايو: اهي جيڪي تنهنجا غلام آهن، اهي تنهنجا ڀائر آهن. الله پاڪ انهن کي تنهنجي ماتحت ڪري ڇڏيو آهي، تنهنڪري جنهن جو ڪو ڀاءُ ان جي ماتحت هجي، ان کي گهرجي ته  * جيڪو پاڻ کائي، اهو ئي پنهنجي ماتحت کي کارائي * جيڪو پاڻ پهري، اهو ئي پنهنجي ماتحت کي پهرائي.([1])

الله اڪبر...!! غلامن جي حقن بابت هي اهڙا جملا آهن، جيڪي شايد ڪنهن سوچيا به نه هوندا، وڏن وڏن فلاسفرن جي ذهنن ۾انهن جو خيال به نه گذريو هوندو، پيارا آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم غلامن ۽ خادمن بابت ترغيب ڏيندي ارشاد فرمائي رهيا آهن ته توهان جا جيڪي ڀائر توهان جي ماتحت آهن، انهن کي ڪنهن به طرح پاڻ کان


 

 



[1]... فتح الباری، کتاب الایمان، باب المعاصی...الخ، جلد:1، صفحہ:117-118، زیرِ حدیث:30 ملتقطاً۔