Book Name:Islam Mein Mazdoron Ke Huqooq
چُلهو ٿڌو رهجي ويندو آهي * اهو مزدور جنهن جي وهايل پگهر جي بدولت سرمائيدار امير کان امير ٿي رهيو آهي، اهو ويچارو مزدور غربت جي چڪي ۾ پيسجي پيسجي مري رهيو آهي * اهو مزدور جنهن جي محنتن جي آڌار تي معاشرو ترقي ڪري رهيو آهي، اهو ئي معاشرو ان مزدور کي عزت جي نگاهه سان نه ٿو ڏسي، اڄ به دنيا ۾ جبري مشقت (يعني مزدور جي اُجرت نه ڏيڻ، داٻا ڏئي مزدورن کان محنت ڪرائڻ ۽ اُجرت ڦٻائڻ) جا ڪيس هزارن ۾ نه پر لکن ۾ آهن. ڪنهن شاعر چيو هو:
شہر میں مَزْدُور جیسا دَر بَدَر کوئی نہیں جس نے سب کے گھر بنائے، اس کا گھر کوئی نہیں
هيءَ حقيقت آهي، اوهان شهرن ۾ نڪرو، اوهان کي وڏيون وڏيون عمارتون نظر اينديون، وڏا وڏا بنگلا، ڪوٺيون ڏسڻ ۾ اينديون، انهن وڏين وڏين عمارتن کي ٺاهڻ لاءِ جن پنهنجو پگهر وهايو، ڪلهن تي سِرُون کَنيون، پنهنجن ڪپڙن کي مِٽي ۽ گاري سان آلوده ڪري ڇڏيو، انهن جي وَسندِيُن ۾ وڃو ته ننڍڙا ننڍڙا گهر، رُوئيندڙ ٻار، ٿڌا ٿيل چُلها نظر ايندا. ڪنهن وڏي سادگي سان الله پاڪ جي بارگاهه ۾ عرض ڪيو هو:
تُو تَو خَالِق ہے، تجھ سے کیا پَرْدَہ کل سے بچوں نے کچھ نہیں کھایا
پيارا اسلامي ڀائرو! هيءَ حقيقت آهي ته اڄ جي هن ترقي يافته دور ۾ به محنت ڪش ماڻهن جا اهڙا حال آهن، واقعي آهن، اسان کي پنهنجن شهرن، پاڙن ۽ گهٽين ۾ روزانو اهڙا هزارين سفيد پوش ماڻهو نظر ايندا، جيڪي سڄو ڏينهن محنت ڪندا آهن ۽ رُکي سُکي کائي گذارو ڪندا آهن.
پر اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! اسلام هڪ ڪامل ۽ اڪمل دين آهي، وڏا وڏا فلاسافر صدين جي