Book Name:Islam Mein Mazdoron Ke Huqooq
اي عاشقانِ رسول! واعدو پورو ڪرڻ سنتِ مصطفى بلڪه سنتِ انبياء آهي * اسان جا آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم واعدي جا تمام گهڻا پڪا هئا ۽ * واعدو ٽوڙڻ کي تمام گهڻو ناپسند فرمائيندا هئا * اعلانِ نبوت کان اڳ ۾ هڪ دفعي هڪ شخص پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي عرض ڪيو: اوهان هتي ترسو! مان اجهو اچان ٿو، اهو شخص هليو ويو پر کانئس واپس اچڻ وسري ويو، 3 ڏينهن کانپوءِ ان کي ٻيهر ياد آيو، جڏهن هو انهيءَ جاءِ تي پهتو ته اهو ڏسي حيران ٿي ويو ته پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم 3 ڏينهن گذرڻ جي باوجود به اتي ئي موجود هئا ۽ مَاشَآءَ اللہ! شفقت، رحمت ۽ حسنِ اخلاق ڏسو! پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان کي دڙڪا نه ڏنا ۽ نه ئي جلال فرمايو، بس ايترو فرمايائون: اي شخص! تون مون کي مشقت ۾ وجهي ڇڏيو.([1]) اللہ پاڪ اسان کي به سنتِ سرڪار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي عمل ڪندي واعدو پورو ڪرڻ وارو بڻائي. اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .
مختلف سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبـﺔ المدينه جي شايع ٿيل بهارِ شريعت جلد: 3 مان حصو 16 ۽ شيخِ طريقت، اميرِ اہلسنت مولانا الياس قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه جن جو لکيل 91 صفحن تي مشتمل رسالو 550 سُنّتیں اور آداب خريد فرمايو ۽ پڙهو. سنتون سکڻ جو هڪ ذريعو دعوتِ اسلامي جي قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر ڪرڻ به آهي.
سنتیں سیکھنے تین دِن کے لیے ہر مہینے چلیں، قافلے میں چلو
الله پاڪ اسان کي عَمل جي توفيق عطا فرمائي.
آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ.
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد