Book Name:Islam Mein Mazdoron Ke Huqooq
پٽ! (يعني ان جي ماءُ ڪاري رنگ جي هئي، تنهنڪري مون کيس اهو طعنو ڏنو هو) اها ڳالهه جڏهن پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي معلوم ٿي، ته آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: یَا اَبَاذَرٍّ اِنَّکَ اِمْرَءٌ فِیْکَ جَاہِلِیَّۃٌ يعني اي ابوذر! تنهنجي اندر ۾ اڃان جاهليت واري زمانيِ جو اثر باقي آهي. وڌيڪ فرمايائون: هي جيڪي تنهنجا خادم (يا غلام) آهن، اهي تنهنجا ڀائر آهن، الله پاڪ انهن کي تنهنجي ماتحت ڪري ڇڏيو آهي، تنهنڪري جنهن جو ڪو ڀاءُ ان جي ماتحت هجي، تنهن کي گهرجي ته * جيڪو پاڻ کائي، سوئي پنهنجي ماتحت کي کارائي * جيڪو پاڻ پهري، سوئي پنهنجي ماتحت کي پهرائي (جيئن ته اها منهنجي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي تعليم آهي، تنهنڪري مان پنهنجي غلام کي اهڙو ئي لباس پهرايو آهي، جهڙو پاڻ پهريو آهي).([1])
ڪجهه روايتن ۾ آهي: اهو صحابئ رسول جنهن سان حضرت ابوذر غفاري رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جو ڪجهه بحث وغيره ٿيو هو، اهو حضرت بلال رَضِیَ اللهُ عَنْہُ هو. جڏهن پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم حضرت ابوذر غفاري رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جي تربيت فرمائي ۽ ٻڌايو ته اي ابوذر! (تون اسلام به قبول ڪيو، اسلام جو نور تنهنجي اندر ۾ سمائجي به ويو، اسلامي اخلاقن ۽ آدابن سان تون سينگارجي به وئين، پر پوءِ به جاہليت جي دور جي هڪ خاصيت جو اثر اڃان تائين باقي آهي) اهو ٻڌي پاڻ فوراً حضرت بلال رَضِیَ اللهُ عَنْہُ وٽ پهچي ويا پنهنجو چهرو زمين تي رکيائون ۽ چيائون: اي بلال! جيستائين تون پنهنجو پير منهنجي منهن تي نه رکندين، مان زمين تان منهن مٿي نه کڻندس.
الله! الله! فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي عمل جو شوق ڏسو! اها هڪ خامي جيڪا محبوبِ ذيشان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻڌائي، ان خاميءَ کي دور ڪرڻ جو جذبو ڏسو! ڪيتري نه عاجزي اختيار ڪري رهيا آهن، هوڏانهن حضرت بلال رَضِیَ اللهُ عَنْہُ به صحابئ