Book Name:Islam Mein Mazdoron Ke Huqooq
حاصل ڪرڻ لاءِ هي رسالو ٻين سان به شيئر (Share) ڪيو! * اردو ڳالهائڻ ۽ سمجهڻ وارن لاءِ خليفهءِ اعلى حضرت، صدر الشريعه مفتي امجد علي اعظمي صاحب رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو فقہي مسائل تي مشتمل عظيم الشان تحفو: بهارِ شريعت. هي ڪتاب مسلمانن کي روزمره جي معاملن ۾ شريعت جي مطابق زندگي گذارڻ جي جامع رهنمائي فراهم ڪري ٿو. هن ڪتاب کي مڪتبـﺔ المدينه جي ڪنهن به شاخ تان رعايتي قيمت تي 10440 رپين ۾ طلب فرمايو، پاڻ به مطالعو ڪريو! ٻين کي به ان جي دعوت ڏيو!
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام جي طرف آڻيندي سنت جي فضيلت ۽ ڪجهه آدابِ زندگيءَ بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو. تاجدارِ رسالت، شهنشاههِ نبوت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو:
مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِيْ فَقَدْ اَحَبَّنِيْ وَمَنْ اَحَبَّنِيْ كَانَ مَعِيَ فِي الْجَنَّةِ
جنهن منهنجي سنت سان محبت ڪئي، ان مون سان محبت ڪئي، ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي، اهو جنت ۾ منهنجي سان گڏ هوندو.([1])
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
2 فرامينِ مصطفى صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: (1): جيڪو واعدو پورو نه ٿو ڪري، ان جو ڪو ايمان نه آهي. ([2]) (2): جيڪو شخص پنهنجي مسلمان ڀاءُ سان واعدي خلافي ڪندو آهي ته ان تي اللہ پاڪ، ان جي فرشتن ۽ تمام انسانن جي لعنت آهي.([3])