Islam Mein Mazdoron Ke Huqooq

Book Name:Islam Mein Mazdoron Ke Huqooq

وٺي ويندا هئا * مختلف قبيلن ۾ وڃي به نيڪيءَ جي دعوت ڏيندا هئا. 

دعوتِ اسلامي وارا عاشقانِ رسول به هن پياري ادا کي ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن * گهر گهر، دڪان دڪان وڃي نيڪيءَ جي دعوت پيش ڪئي ويندي آهي * ماڻهن کي مسجد ۾ اچڻ جي دعوت ڏني ويندي آهي * نمازن جي ترغيب ڏياري ويندي آهي * اسان ان کي علاقائي دورو چوندا آهيون.

شرابي قافلي جو مسافر بڻجي ويو

پيارا اسلامي ڀائرو! عاشقانِ رسول جو هڪ قافلو (گجرات، هندستان) جي هڪ شهر ۾ پهتو، قافلي جا اسلامي ڀائر علاقائي دورو ڪرڻ جي لاءِ مسجد کان ٻاهر نڪري ويا، علاقائي دوري دوران هڪ شرابي کي نيڪيءَ جي دعوت ڏنائون، اَلحمدُ لِلّٰہ! اهو شرابي قافلي وارن سان گڏ مسجد ڏانهن هليو آيو، اسلامي ڀائر ان سان ايتري قدر اخلاق سان پيش آيا جو هو 6 ڏينهن تائين قافلي وارن سان گڏ رهيو، علاقائي دوري جي برڪت ۽ عاشقانِ رسول جي صحبت جي سبب هن گناهن کان توبهه ڪئي، ڏاڙھي مبارڪ رکيائين، عمامو شريف جو تاج به مٿي تي سجايائين، اهڙي طرح هڪ شرابي علاقائي دوري جي برڪت سان نيڪ نمازي بڻجي ويو. 

گر آئے شرابی مٹے ہر خرابی                                                                                            چڑھائے گا ایسا نشہ دینی ماحول

یقینا مقدر کا وہ ہے سکندر                                                                                                           جسے خیر سے مل گیا دینی ماحول

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!           صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

اَلْقُرْآنُ الْکَرِیم  موبائل ايپلي ڪيشن

 اي عاشقانِ رسول! اڄ ٽيڪنالاجي جو دور آهي. اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! عاشقانِ رسول جي ديني تنظيم دعوتِ اسلامي جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي به علمِ دين جو فيضان