Book Name:Islam Mein Mazdoron Ke Huqooq
ڇڏي مري ويو ته جہنم ۾ وڃڻ جو سامان آهي. اللہ پاڪ بُرائيءَ کي بُرائيءَ سان نه مٽائيندو آهي، پر نيڪيءَ سان بُرائيءَ کي مٽائيندو آهي، بيشڪ ناپاڪ کي ناپاڪ نه مٽائيندو آهي.([1]) (4): جنهن عيب واري شيءِ وڪرو ڪئي ۽ عيب کي ظاهر نه ڪيو، اهو هميشه اللہ پاڪ جي ناراضگيءَ ۾ آهي يا فرمايائون ته هميشه فرشتا ان تي لعنت ڪندا رهندا آهن. ([2])
ٻه اهم شرعي مسئلا
ٻه اهم شرعي مسئلا دل ۾ سانڍي ڇڏيو ۽ انهن تي پورو پورو عمل ڪريو:
(1): اجير ۽ مستاجِر (يعني جنهن کي اجاري تي ڪنهن کي رکڻو آهي) انهن ٻنهي تي اجاري جا احڪام سکڻ فرض آهي. ([3])
ان جو هڪ بهترين طريقو ته هي آهي ته بهارِ شريعت، جلد: 3، حصو: 14 مان اجاري جا احڪام پڙهي وٺو! جيڪي سمجهه ۾ نه اچن، اهي عاشقانِ رسول عُلَماءِ ڪرام کان پڇي وٺو! ٻيو طريقو هي آهي ته فيضان آن لائن اڪيڊمي جي تحت ٿيڻ واري فقه ڪورس ۾ داخلا وٺو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! اجاري جي احڪامن سان گڏ ڪيترائي فرض علوم سکڻ نصيب ٿيندا.
ٻيو شرعي مسئلو: (2): ڪم ڪرڻ ۾ سستي ڪرڻ ۽ اجرت پوري وٺڻ گناهه ۽ حرام آهي. * اعلى حضرت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: ڪم جون ٽي حالتون آهن (1): سُست (2): مُعتدِل (يعني وچٿرو) ۽ (3): نهايت تيز. جيڪڏهن مزدوري ۾ (گھٽ ۾ گھٽ مُعتدِل به ناهي، پر محض) سستيءَ سان ڪم ڪري ٿو ته گنهگار آهي ۽ ان کي پوري اُجرت وٺڻ حرام آهي. جيترو ڪم (يعني جيترو هن ڪيو آهي) ٿيو آهي ان جي مطابق جيڪا اُجرت ٿئي سا وٺي، ان کان جيڪو