Islam Mein Mazdoron Ke Huqooq

Book Name:Islam Mein Mazdoron Ke Huqooq

اچو ته آخر ۾ حلال روزي ڪمائڻ ۽ حرام روزي کان بچڻ بابت ڪجهه حديثون ٻڌون ٿا:   

حلال روزي جي باري ۾ 4 فرامينِ مصفطيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم 

(1): سڀ کان وڌيڪ پاڪيزهه کاڌو اهو آهي، جيڪو پنهنجي ڪمائيءَ مان کائو. ([1] (2): بيشڪ اللہ پاڪ پيشه ور مسلمان کي دوست رکندو آهي. ([2])   (3): جنهن کي مزدوريءَ جي ٿَڪَاوٽ سبب شام ٿي وڃي، ان جي اها شام، شامِ مغفرت ٿئي. ([3]) (4): پاڪ ڪمائي واري جي لاءِ جنت آهي. ([4] 

حرام روزي جي باري ۾ 4 فرامينِ مصفطيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم 

(1) هڪ شخص ڊگهو سفر ڪندو آهي، جنهن جا وار وکريل ۽ بدن مٽيءَ سان ڀريل هوندو آهي (يعني سندس حالت اهڙي آهي جو جيڪا دعا ڪري اها قبول ٿئي). هو آسمان ڏانهن هٿ کڻي يارب! يارب! پڪاريندو آهي(يعني دعا ڪندو آهي) پر حالت اها آهي جو سندس کاڌو حرام، پيتو حرام، لباس حرام ۽ غذا حرام، پوءِ ان جي دعا ڪيئن قبول ٿئي! (يعني جيڪڏهن دعا جي قبوليت جي خواهش آهي ته حلال ڪمائي اختيار ڪريو). ([5])   (2): ماڻهن تي هڪ اهڙو وقت به ايندو، جو انسان پرواهه ئي نه ڪندو ته هن اها شيءِ ڪيئن حاصل ڪئي آهي حلال طريقي سان يا حرام طريقي سان. ([6]) (3): جيڪو شخص حرام مال حاصل ڪندو آهي، جيڪڏهن * ان مال کي صدقو ڪري ته قبول نه  ٿيندو آهي           * خرچ ڪري ته ان جي لاءِ ان ۾ برڪت نه آهي * ۽ جيڪڏهن پنهنجي پويان


 

 



[1]... ترمذی، کتاب الاحکام، باب ماجاء ان الوالد...الخ،صفحہ:349، حدیث:1358 ۔

[2]... معجم اوسط، جلد:6، صفحہ:327، حدیث:8934۔

[3]... معجم اوسط،  جلد:5، صفحہ:337، حدیث:7520۔

[4]... موسوعہ ابن ابی دنیا، کتاب الاخلاص و النیۃ، جلد:1، صفحہ:178، حدیث:31۔

[5]... مسلم، کتاب الزکاۃ، باب قبول الصدقۃ...الخ، صفحہ:364، حدیث:1015۔

[6]... بخاری، کتاب البیوع، باب من لم یبال ...الخ، صفحہ:538، حدیث:2059۔