Islam Mein Mazdoron Ke Huqooq

Book Name:Islam Mein Mazdoron Ke Huqooq

طور: * ڪم پورو نه ڪندا آهن *  ڪم جي وقت ۾ڳالهين ڪرڻ ۾ مشغول ٿي ويندا آهن * خواهه مخواهه هيڏانهن هوڏانهن گهمندا وتندا آهن * ڪم ۾ گهٽتائي يا غير معياري ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. اهو به هڪ جرم آهي. جيڪو به ملازم هجي، اجير هجي، عارضي هجي يا مستقل هجي، ان کي گهرجي ته  ايمانداري سان ڪم مڪمل ڪري ۽ معياري ڪم ڪري. قرآن پاڪ ۾ آهي: 

اِنَّ خَیْرَ مَنِ اسْتَاْجَرْتَ الْقَوِیُّ الْاَمِیْنُ (۲۶)

(پارو:20، سوره قصص:26)

ترجموڪنزالعرفان: بيشڪ اوهان جو ڀلو نوڪر اهو هوندو جيڪو طاقتور ۽ امانتدار هجي.

معلوم ٿيو ته بهترين اجير جون ٻه خوبيون آهن: (1) :          طاقتور هجي يعني جيڪو ڪم ان کان وٺڻو آهي، ان ڪم ڪرڻ جي صلاحيت ان ۾ موجود هجي. جيڪڏهن صلاحيت ئي نه هوندي ته ظاهر آهي، هو پنهنجو ڪم چڱي نموني نه ڪري سگهندو (2):  ٻي خوبي اها آهي ته اهو امين هجي، پنهنجو ڪم ايمانداري سان، پوري لگن سان، وقت جي پابندي جو خيال رکندي ڪري.   

مزدورن ۽ ملازمن کي گهرجي ته پنهنجي اندر اهي ٻئي خوبيون پيدا ڪن    * جنهن ڪم لاءِ کين اجير طور رکيو ويو آهي، ان جو وڌ ۾ وڌ تجربو حاصل ڪن ۽ ان ڪم ڪرڻ جي پنهنجي اندر صلاحيت وڌائن * ۽ ان سان گڏوگڏ امانتدار به رهن * ڪم جي لحاظ کان به امانتداري هجي ته جيترو ڪم مليو آهي، دل و جان سان پورو پورو ڪم ڪري * وقت جي لحاظ کان به امانتداري ڪري جيترو ڪم ڪرڻ جو وقت طئي ٿيو آهي ايمانداري سان ڪري، هيڏانهن هوڏانهن گهمي ڦري، گپ شپ ڪندي وقت برباد نه ڪري. الله پاڪ اسان کي بهترين اجير بڻجڻ، هميشه حلال ڪمائڻ ۽ حلال ئي کائڻ جي توفيق نصيب فرمائي.

اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم.