Book Name:Islam Mein Mazdoron Ke Huqooq
الله پاڪ اسان کي به توفيق عطا فرمائي. معاف ڪرڻ جي عادت اپنائڻ گهرجي. جيڪو معاف ڪندو آهي، ان کي معاف ڪيو ويندو آهي. حضرت موسيٰ ڪليم الله عَلَیْهِ السَّلَام عرض ڪيو: اي رب ڪريم! تنهنجي نظر ۾ سڀ کان وڌيڪ عزت وارو ڪير آهي؟ فرمايو ويو: اهو جيڪو بدلو وٺڻ جي طاقت هوندي به معاف ڪري ڇڏي. ([1])
معاف ڪرڻ وارن جي بي حساب مغفرت
حضرت انس رَضِیَ اللهُ عَنْہُ روايت ڪن ٿا ته آخري نبي، محمدِ عربي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو: قيامت جي ڏينهن اعلان ڪيو ويندو: جنهن جو اجر الله پاڪ جي ذمهءِ ڪرم تي آهي، اهو اٿي ۽ جنت ۾ داخل ٿي وڃي. پڇيو ويندو: اهو اجر ڪنهن جي لاءِ آهي؟ اعلان ڪرڻ وارو چوندو: انهن ماڻهن جي لاءِ آهي جيڪي معاف ڪرڻ وارا آهن، ته هزارين ماڻهو اٿندا ۽ بي حساب جنت ۾ داخل ٿي ويندا. ([2])
الله پاڪ اسان کي محنتي ماڻهن، مزدورن، خادمن، اجيرن ۽ غريبن جو قدر ڪرڻ، انهن کي عزت جي نگاهه سان ڏسڻ ۽ انهن سان سٺو سلوڪ ڪندي سندن حق پورا ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي. اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم.
پيارا اسلامي ڀائرو! جيئن مزدورن جا الڳ حق آهن، تيئن مزدورن تي به ڪيتريون ئي ڳالهيون لازم آهن. اهو به ڏٺو ويو آهي ته ڪڏهن ڪڏهن مزدور يا محنت ڪش ماڻهو به ڪم ڪرائڻ وارن سان زيادتي ڪري رهيا هوندا آهن، مثال