Book Name:Islam Mein Mazdoron Ke Huqooq
کي سٺو نه لڳو ته ان جي لاءِ ٻئي ڪم رکان. ([1])
سُبْحٰنَ اللہ ! ڪهڙو نه پيارو انداز آهي. اٽو ڳوهڻ خادم جي ذمي هو، پر حضرت سلمان فارسي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ ان کي ٻئي ڪم سان موڪليو ته ان جي حصي جو ڪم پاڻ ڪرڻ لڳا ته جيئن خادم کي ٻيڻي مشقت نه ڪرڻي پئي. سُبْحٰنَ اللہ ! اسان کي به اهڙو انداز اختيار ڪرڻ گهرجي. حديث پاڪ ۾ آهي: توهان پنهنجي خادم جي ڪم ۾ جيتري گهٽتائي ڪندﺆ، توهان جي اعمال نامي ۾ ايترو ئي ثواب لکيو ويندو. ([2])
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان انسان آهيون ۽ انسان نِسيان (ڀلجڻ) مان ٺهيل آهي. اسان جهڙن عام انسانن کان غلطيون ٿي ئي وينديون آهن، ايئن ئي اسان جي خادمن يا اجيرن کان به غلطيون ٿي سگهن ٿيون. تنهنڪري انهن کي معاف ڪرڻ جي عادت بڻايو، اهو به مزدورن جي حقن مان آهي. حضرت عبدالله بن عمر رَضِیَ اللهُ عَنْہما کان روايت آهي ته هڪ شخص پياري آقا، احمدِ مجتبيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين: يا رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! مان ڪيترا ڀيرا پنهنجي خادم کي معاف ڪريان؟ حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: روزانو 70 دفعا. ([3])
مشہور مفسرِ قرآن مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: عربي ۾ 70 جو لفظ گهڻائي لاءِ استعمال ٿيندو آهي، يعني هر روز ان کي ڪيترائي ڀيرا