Book Name:Islam Mein Mazdoron Ke Huqooq
اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪريو! * رضاءِ الٰهي جي لاءِ مڪمل بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس * بيان دوران سُستي کان بچندس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس*جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! حديث پاڪ جي مشهور ڪتاب بخاري شريف ۾ هڪ تمام پياري روايت آهي، مان اها روايت ٿوري وضاحت سان اوهان کي ٻڌايان ٿو: حضرت مَعْرُور بن سُوَيد رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: هڪ ڀيرو مون کي صحابئ رسول حضرت ابوذر غفاري رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جي زيارت جو شرف حاصل ٿيو، انهن سان سندن غلام به گڏ هو. انداز اهو هو جو حضرت ابوذر غفاري رَضِیَ اللهُ عَنْہُ هيٺان سستو لباس پهريو هو ۽ کين ان جي مٿان قيمتي چادر اوڍيل هئي، بلڪل ساڳيو ئي لباس انهن جي غلام کي به پهريل هو، هن به هيٺان سستو لباس پهريو هو ۽ ان جي مٿان کيس قيمتي چادر اوڍيل هئي. هي منفرد انداز ڏسي مون عرض ڪيو: اي ابوذر رَضِیَ اللهُ عَنْہُ! ائين به ته ٿي پئي سگهيو ته اوهان ٻنهي قيمتي چادرن مان پنهنجي لاءِ بهترين لباس سبرايو ها ۽ گهٽ قيمت وارو لباس غلام کي پهرايو ها (اهڙي طرح اوهان لاءِ بهترين لباس به تيار ٿي وڃي ها ۽ آقا ۽ غلام ۾ فرق به ظاهر ٿئي ها). اهو ٻڌي حضرت ابوذر غِفاري رَضِیَ اللهُ عَنْہُ پنهنجي ماضيءَ جي هڪ ياد ٻڌائي (يعني اهو زمانو جڏهن حضرت ابوذر غِفاري رَضِیَ اللهُ عَنْہُ اڃان نبين جي سلطان، رسولِ ذيشان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي تربيت هيٺ هئا، پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان آداب ۽ اخلاق سکي رهيا هئا، پاڻ انهن ڏينهن جي ڳالهه ٻڌائي) فرمايائون: هڪ شخص هو، هڪ ڀيرو منهنجو ان سان ڪجهه بحث ٿي ويو، ته مون ان کي چيو: اي ڪاري ماءُ جا