Islam Mein Mazdoron Ke Huqooq

Book Name:Islam Mein Mazdoron Ke Huqooq

کي بنياد بڻائي ٻين جو حق ڦٻائيندا آهن، انهن کي ياد رکڻ گهرجي ته الله پاڪ اَحْکَمُ الْحَاکِمیْن آهي، بادشاهن کان وڏو بادشاهه آهي. قرآن ڪريم ۾ آهي: 

وَ ھُوَ الْقَاھِرُ فَوْقَ عِبَادِہٖ

(پارو: 7، سورہ انعام: 61)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ اهو ئي غالب آهي پنهنجن ٻانهن تي.

الله پاڪ کي سمورا اختيار آهن. اهو رب ڪريم جيڪڏهن پڪڙ فرمائي ته مان ۽ تون ته ڇا، نمرود ۽ فرعون جهڙا طاقتور بادشاهه به ڪا اهميت نه ٿا رکن...!! تنهنڪري ڪنهن جو حق نه ڦٻايو، سِر جهڪائي، عاجزي جو پيڪر بڻجي وڃو. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي. اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم.

وَسَ آهر ڪم وٺو...!!

پيارا اسلامي ڀائرو! مزدور جي حقن مان هڪ حق اهو به آهي ته ان کي ان جي طاقت جي مطابق ڪم ڏنو وڃي. جيڪڏهن لڳي رهيو هجي ته ڪم گهڻو وزن وارو آهي يا زيادهه طاقت وارو آهي ته اهڙو ڪم مزدور کي ڏيڻ وقت ان سان گڏجي سندس مدد به ڪئي وڃي. حديث شريف ۾ آهي: غلام کي ڪنهن اهڙي ڪم جي ذميداري نه ڏيو جيڪا هن جي لاءِ مشڪل هجي پر جيڪڏهن کيس ڪو اهڙي قسم جو ڪم ڏيو ته پوءِ پاڻ به ان جي مدد ڪريو.

ٻيڻي محنت کان بچايائون

صحابيءِ رسول آهن، حضرت سلمان فارسي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ. حضرت ابو قلابه رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: هڪ دفعي هڪ شخص حضرت سلمان فارسي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جي خدمت ۾ حاضر ٿيو، ان وقت حضرت سلمان فارسي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ اٽو ڳوهي رهيا هئا اهو ڏسي ان شخص حيرت مان چيو: عالي جاهه! هي ڇا آهي؟ (يعني اوهان پاڻ اٽو ڳوهي رهيا آهيو؟) فرمايائون: مان پنهجي خادم کي ڪنهن ڪم سان موڪليو آهي، مون