Islam Mein Mazdoron Ke Huqooq

Book Name:Islam Mein Mazdoron Ke Huqooq

ڪرڻ لاءِ هڪ جاءِ تي ليٽي پيو. ايتري ۾ اهو امير شخص جنهن جو ٿيلهو هو ان کي جڏهن ياد آيو ته مان پيسن وارو ٿيلهو درياهه جي ڪناري تي وساري آيو آهيان ته هو ٻيهر واپس موٽي آيو، هتي ته صرف اهو نابينا پوڙهو شخص هو. امير شخص پوڙهي کان پڇيو: ڇا تو هتي منهنجو ٿيلهو ڏٺو آهي؟ پوڙهي وراڻيو: مان ته انڌو آهيان، مون ڪو ٿيلهو نه ڏٺو آهي. امير شخص ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ چيائين: تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين، ٿيلهو تو ئي کنيو آهي. جلدي ٻڌاءِ ٿيلهو ڪٿي آهي، نه ته مان توکي قتل ڪري ڇڏيندس. پوڙهو کيس منٿون ڪرڻ لڳو ته ڀاءُ! مون ٿيلهو نه ڏٺو آهي مان ته انڌو آهيان، پر ان امير شخص هن جي هڪ به نه ٻڌي ۽ ڪاوڙ ۾ اچي ان پوڙهي کي قتل ڪري ڇڏيائين.

      اهو منظر ڏسي حضرت موسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام  ڏاڍو حيران ٿيا ته هي ڪهڙو انصاف آهي؟ پوڙهي شخص جو ته ڪو قصور ئي نه هو، هو ته اجايو مارجي ويو. الله پاڪ وحي موڪلي فرمايوويو: اي موسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام ! اهو ئي اسان جو انصاف آهي. معاملو اصل ۾ هينئن آهي ته هُو جيڪو ٻار هو ان جو پيءُ هِن امير شخص وٽ مزدوري ڪندو هو، هن گهڻي وقت کان ان کي مزدوري نه ڏني هئي. ٿيلهي ۾ جيڪا رقم هئي، اصل ۾ اهي ان مزدوري جا ئي پئسا هئا، جيڪي ان امير شخص روڪي رکيا هئا. تنهنڪري ان مزدور جي ڪمائي ٻار جي ذريعي سندس گهر پهچي وئي. جيڪو پوڙهو هو اُن پنهنجي جواني ۾ ان امير شخص جي پيءُ کي قتل ڪيو هو. اڄ ان قتل جي بدلي ۾ هو پاڻ قتل ٿي ويو. ائين مزدور کي ان جي مزدوري به ملي وئي ۽ قاتل کي ان جي ڏوهه جي سزا به ملي وئي.[1]

      الله اڪبر! پيارا اسلامي ڀائرو! هي آهي الله پاڪ جو عدل ۽ انصاف...!! جيڪي پاڻ کي طاقتور سمجهي، پنهنجي عھدي، منصب، مال ۽ دولت يا طاقت


 

 



[1] التبر المسبوک فی نصیحۃ الملوک، صفحہ:54۔