Book Name:Islam Mein Mazdoron Ke Huqooq
ڪم ته پورو ورتائين پر کيس اجرت نه ڏنائين. ([1])
الله اڪبر...!! اندازو ڪيو! قيامت جي ڏينهن رَحم ڪير فرمائيندو؟ الله پاڪ. بخشش ڪير فرمائيندو؟ الله پاڪ. جنت ڪير عطا فرمائيندو؟ الله پاڪ. جيڪڏهن الله پاڪ پاڻ ئي ڪنهن جي مُقابل ٿي وڃي، غور ڪريو! اُن شخص جي بخشش ڪيئن ٿي سگهندي...؟ اِن ڪري مزدور جي اُجرت وقت سر ادا ڪرڻ جي عادت وجهڻ گهرجي.
الله پاڪ جا نبي آهن: حضرت موسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام . هڪ دفعو انهن بارگاهِه الٰهي ۾ عرض ڪيو: اي مالڪ ڪريم! مان تنهنجو عدل ۽ انصاف ڏسڻ چاهيان ٿو. فرمايو ويو: اي موسيٰ! تون نه ڏسي سگهندين. عرض ڪيائون: موليٰ! تون ڏيکارڻ تي قدرت رکين ٿو. فرمايو ويو: ٺيڪ آهي! پوءِ فلاڻي جاءِ تي درياهه جي ڪناري تي وڃو ۽ لڪي اسان جو عدل ڏسو! حضرت موسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام ان جاءِ تي پهتا، وڻن جو پويان ڪنهن جڳهه تي لڪي ويٺا ۽ انتظار ڪرڻ لڳا. ايتري ۾ اتي هڪ امير شخص آيو جيڪو گهوڙي تي سوار آهي ۽ سندس هٿ ۾ پئسن سان ڀريل ٿيلهو (Bag) آهي، هُو درياهه جي ڀرسان اچي بيٺو، پنهنجو پئسن سان ڀريل ٿيلهو هڪ پاسي رکي درياهه جي پاڻي سان هٿ منهن ڌوتائين ۽ گهوڙي تي سوار ٿي هليو ويو. پئسن جو ٿيلهو جيڪو هن هڪ طرف رکيو هو، اهو کڻڻ کانئس وسري ويو. ٿوري دير گذري ته هڪ ٻار اتي آيو، هن ٿيلهو ڏٺو، ان جي اندر پئسا ڏٺا ته ٿيلهو کڻي گهر هليو ويو.
اڃان ٿوري ئي دير مَسَ گذري ته هڪ پوڙهو اکين کان نابينا شخص اتي آيو، کيس ڪجهه ڏسڻ ۾ نه ٿي آيو، هن درياهه جي پاڻي سان هٿ منهن ڌوتو ۽ آرام