Islam Mein Mazdoron Ke Huqooq

Book Name:Islam Mein Mazdoron Ke Huqooq

توهان جو ڌنڌو خير وارو آهي

حضرت عبدالله بن عباس رَضِیَ اللهُ عَنْہُما کان روايت آهي هڪ دفعو هڪ شخص بارگاههِ رسالت ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين: يا رسول الله صَلَّي اللہُ عَلَيْہِ وَآلِہٖ وَسَلَّم! منهنجي پيشي بابت اوهان ڇا ٿا فرمايو؟ حضور صَلَّي اللہُ عَلَيْہِ وَآلِہٖ وَسَلَّم فرمايو: تون ڪهڙو ڪم ڪندو آهين؟ هن عرض ڪيو: مان ڪپڙو اُڻَندو (ٺاهيندو) آهيان رسول هاشمي، مڪي مدني صَلَّي اللہُ عَلَيْہِ وَآلِہٖ وَسَلَّم فرمايو: تنهنجو پيشو حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام  وارو آهي، سڀني کان پهريون ڪپڙو جنهن ٺاهيو، اهي حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام   هئا. بيشڪ تنهنجو پيشو اهو آهي، جنهن جي ضرورت جيئرن سان گڏ مئلن کي به پوندي آهي (ڇو ته انهن کي ڪفن پارايو ويندو آهي) جيڪو توکي (تنهنجي پيشي جي ڪري طعنا ڏَئِي) تڪليف پهچائيندو آهي اهو ڄڻ ته حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام   کي طعنو ڏيندو آهي، غم نه ڪر! تنهنجي لاءِ خوشخبري آهي ته تنهنجو پيشو برڪت وارو آهي. قيامت جي ڏينهن حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام  تنهنجو قائد هوندو. ([1])

الله پاڪ اسان کي سٺي سوچ عطا فرمائي. جيڪو خوش نصيب پنهنجو ۽ پنهنجن ٻارن جو پيٽ پالڻ لاءِ حلال پيشو اختيار ڪندو آهي اهو سٺو انسان آهي، نيڪ ڪم ڪري رهيو آهي، اسان کي گهرجي ته ان جي حوصلا افزائي ڪريون، جيڪڏهن ممڪن هجي ته ان جي مدد ڪريون ۽ ان جو هٿ ونڊايون. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ان جي برڪت سان معاشرو سڌري ويندو ۽ بيروزگاري جو خاتمو ٿي ويندو.    

جبري مشقت هڪ سنگين جرم

پيارا اسلامي ڀائرو! مزدورن، ملازمن ۽ اجيرن جا اهي حق، جيڪي اسلام بيان ڪيا آهن، انهن مان هڪ اهو آهي ته مزدور کي سندس مزدوري وقت  تي ۽ پوري پوري ادا ڪئي وڃي.


 

 



[1]...البرکۃ فی فضل السعی و الحرکۃ، الباب الاوّل...الخ، صناعات الانبیاء، صفحہ:46۔