Islam Mein Mazdoron Ke Huqooq

Book Name:Islam Mein Mazdoron Ke Huqooq

* حضرت بلال * حضرت صُهيب رومي * حضرت خباب رَضِیَ اللهُ عَنْہم وغيره، اهي صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہم جيڪي اڳ ۾ غلاميءَ جي زندگي گذاري چڪا هئا، هيءَ آيت انهن صحابه جي حق ۾ نازل ٿي. الله پاڪ انهن صحابه جي متعلق پنهنجي محبوب صَلَّي اللہُ عَلَيْہِ وَآلِہٖ وَسَلَّم کي فرمايو: اي محبوب صَلَّي اللہُ عَلَيْہِ وَآلِہٖ وَسَلَّم! پنهنجو پاڻ کي انهن اصحابن سان مانوس رکو...!! حضرت خباب رَضِیَ اللهُ عَنْہُ  فرمائن ٿا: اسان بارگاههِ رسالت ۾ حاضر ٿيندا هئاسين ته حضور اڪرم، نور مجسم صَلَّي اللہُ عَلَيْہِ وَآلِہٖ وَسَلَّم اسان سان گڏ تشريف فرما ٿيندا هئا. جيتري دير ارادو ڪندا هئا، تشريف رکندا هئا. پوءِ جيڪڏهن ڪا ضرورت پوندي هئي ته اسان کي اتي ويٺل ڇڏي تشريف وٺي ويندا هئا. پر جڏهن هيءَ آيت ڪريمه نازل ٿي، ان کان پوءِ حالت اها ٿي وئي جو  پيارا نبي، رسول هاشمي صَلَّي اللہُ عَلَيْہِ وَآلِہٖ وَسَلَّم اسان سان گڏ تشريف فرما رهندا هئا، ايسيتائين جو اسان پاڻ اجازت وٺندا هئاسين ته وٺندا هئاسين، نه ته حضور صَلَّي اللہُ عَلَيْہِ وَآلِہٖ وَسَلَّم اسان کي اتي ويٺل ڇڏي ڪڏهن به نه اٿندا هئا. ([1]

دامنِ مصطفےٰ سے جو لپٹا یگانہ ہو گیا                                                           جس کے حُضُور ہو گئے اس کا زمانہ ہو گیا

مزدورن سان چاههُ رکو...!!

ها ته هي محنت ڪش ۽ مزدور ماڻهو، جڏهن پنهنجي ڪم سان هوندا آهن، ظاهر آهي تمام گهڻي محنت ڪندا آهن. سندن ڪپڙا به ميرا ٿي ويندا آهن، ڪڏهن ڪڏهن ته تمام گهڻو پگهر به ايندو آهي، جنهن ڪري سندن ظاهري روپ ڪجهه ٻيو ٿي ويندو آهي، ڪجهه ماڻهو انهن جي اهڙي حالت تي به ٽوڪون ڪندا آهن، انهن جي ميرن ڪپڙن جي سبب انهن کان ڪِراهت مَحسوس ڪندا آهن. اهو به دل آزاري وارو انداز آهي. روايتن ۾ آهي: جيڪي صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہم محنت ڪش هئا ۽ تمام گهڻي محنت وارو ڪم ڪندا هئا، ڪڏهن ڪڏهن سندن مبارڪ


 

 



[1]...تاریخ مدینہ دمشق، جلد:10، صفحہ:447تا448۔