Book Name:Islam Mein Mazdoron Ke Huqooq
پر افسوس ...!! اڄڪلهه اسان جي معاشري ۾ به هي غير مسلم رويو زور وٺي رهيو آهي. ماڻهو مزدورن، محنت ڪشن ۽ غريبن کي ڪمتر سمجهڻ لڳا آهن. انهن کي حقارت جي نظر سان ڏسڻ لڳا آهن. ڪڏهن ڪڏهن * اوباش قسم جا نوجوان انهن تي چٿرون ڪندا آهن * انهن جي ڪپڙن بابت * انهن جي زندگي گذارڻ (لائف اسٽائل Lifestyle) متعلق انهن کي طعنا ڏنا ويندا آهن * غريب غريب چئي انهن کي ٽوڪيو ويندو آهي. اَسْتَغْفِرُ اللہ! هيءَ تمام خراب ڳالهه آهي، تمام ئي خراب ڳالهه آهي. اهڙي انداز سان يقيناً انهن جي دل ڏکندي هوندي ۽ ياد رکو! مسلمان جي دل ڏکائڻ گناههِ ڪبيرهه، حرام ۽ جهنم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي. ([1]) پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّي اللہُ عَلَيْہِ وَآلِہٖ وَسَلَّم فرمايو: مَنْ اٰذٰی مُسْلِمًا فَقَدْ اٰذَانِیْ جنهن ڪنهن مسلمان کي تڪليف ڏني، ان مون کي تڪليف ڏني وَ مَنْ اٰذَانِیْ فَقَدْ اٰذَی اللہَ ۽ جنهن مون کي تڪليف ڏني (ڄڻ) ان الله پاڪ کي تڪليف پهچائي. ([2])
خدایا! کسی کانہ دل میں دکھاؤں اماں تیرے اَبَدی عذابوں سے پاؤں
اهڙي شان واري سودي ۾ نقصان نه ٿيندو آهي
پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّي اللہُ عَلَيْہِ وَآلِہٖ وَسَلَّم جو پيارو پيارو انداز ڏسو! الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ اوهان کي حڪم ڏنو:
وَ اصْبِرْ نَفْسَکَ مَعَ الَّذِیْنَ یَدْعُوْنَ رَبَّہُمْ بِالْغَدٰوۃِ وَ الْعَشِیِّ یُرِیْدُوْنَ وَجْہَہٗ
(پارو: 15، سورہ ڪهف: 28)
ترجموڪنز العرفان: ۽ پنهنجي پاڻ کي انهن ماڻهن سان مانوس رک جيڪي صبح ۽ شام پنهنجي رب کي سڏيندا آهن ان جي رضا گهرندا آهن