Zameen Mein Fasad Mat Phailaiy

Book Name:Zameen Mein Fasad Mat Phailaiy

ان کي گناھ ڪندي ڏسندو هو ته ان سان پنهنجن تعلقات، کائڻ پيئڻ ۽ ميل جول جي ڪري ان کي منع نه ڪندو هو، جڏهن (عام طور تي) انهن ائين ڪيو ته الله پاڪ انهن جون دليون به انهن جهڙيون ڪري ڇڏيون (يعني نافرمانن جي نحوست سبب فرمانبردارن جون دليون به اهڙيون ئي ٿي ويون).[1]

اَلۡامان وَالۡحفيظ! غور فرمايو! جڏهن اسان برائي کي برائي سمجهي ئي نه رهيا هونداسين، ان کان نفرت ۽ بيزاري ئي نه رکنداسين ته ان کان منع ڪيئن ڪنداسين؟ جڏهن اسان برائي کان منع نه ڪنداسين ته نتيجي ۾ اها برائي پکڙجندي ويندي، آّخرڪار هڪ وقت ايندو جو انهيءَ برائي کي چڱائي سمجهيو ويندو. ايئن معاشري ۾ برايون عام ٿي وينديون ۽ معاشرو تباھ ۽ برباد ٿي ويندو.

فسادن جي شروعات ڪيئن ٿي...؟

زمين ۾ فسادن جي شروعات ائين ئي ٿي هئي، قابيل جنهن حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام جي پٽ حضرت هابيل رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کي شهيد ڪيو هو، بعد ۾ ان ڪيئي برا ڪم ڪيا، ان شرڪ ۽ ڪفر جو رستو به اختيار ڪيو، ان جي اولاد ۾ زنا، شراب ۽ فتنو فساد به پکڙجي ويا. جڏهن حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام  قابيل ۽ ان جي اولاد جو اهڙو برو حال ڏٺو ته سندن حضرت شِيث عَلَیْهِ السَّلَام  کي وصيت فرمائي ته قابيل ۽ ان جي اولاد کان مڪمل طور تي بائيڪاٽ رکيو وڃي، ان سان نڪاح وغيره رشتيداريون به نه ڪيون وڃن. حضرت شيث عَلَیْهِ السَّلَام ان نصيحت تي پورو پورو عمل ڪيو، پوءِ هڪ عرصي تائين سندن اولاد به ان تي عمل ڪندو رهيو، ايمان وارن جو قابيل ۽ ان جي اولاد سان ڪنهن به قسم جو ڪوبه تعلق نه هو، جنهن جي بدولت معاشرو نهايت پرسڪون هو، ڪا برائي، فتنو فساد وغيره معاشري ۾ نه هو، پوءِ ڪافي عرصو گذري وڃڻ کان بعد ماڻهن حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام جي وصيت کي ويساري ڇڏيو، ايمان وارن قابيل ۽ ان جي اولاد (جيڪي سڀ ئي غير مسلم هئا، انهن) کان نفرت ختم ڪري ڇڏي، آهسته آهسته اچ وڃ شروع ٿي، پوءِ انهن جون پاڻ ۾ رشتيداريون ٿيڻ لڳيون، پوءِ انهن رشتيدارين محبت جو رنگ


 

 



[1]...ابو داؤد ،کتاب الملاحم،باب الامر و النہی ،صفحہ:681،حدیث:4336۔