Zameen Mein Fasad Mat Phailaiy

Book Name:Zameen Mein Fasad Mat Phailaiy

رهندي، نه پاڻي بچندو *بجليءَ جون ٻه تارون هونديون آهن، هڪ ٿڌي، هڪ گرم. هي ٻئي الڳ الڳ رهن ته بلب ٻرندو آهي، جيڪڏهن ٻئي ملي وڃن ته بجليءَ جو سرڪٽ سڙي ويندو آهي. اهڙي طرح جنهن سان الله ۽ رسول محبت رکڻ جو فرمايو آهي، ان سان محبت ۽ جنهن کان بيزاريءَ جو حڪم ڏنو آهي، ان کان بيزار ٿينداسين ته معاشرو سڌي رستي تي رهندو. جيڪڏهن هي فرق ختم ڪري ڇڏينداسين ته فساد پکڙجي ويندو، معاشرو تباهه و برباد ٿي ويندو.

محبت ۽ نفرت ٻئي ضروري آهن

پيارا اسلامي ڀائرو! هن مان معلوم ٿيو ته بُرن ماڻهن کان بيزاريءَ جو اظهار ڪرڻ به ضروري آهي. وڏي افسوس جي ڳالهه آهي ته اڄڪلهه ڪجهه ماڻهو اهڙا آهن جيڪي چون ٿا: ڪنهن کي بُرو نه سمجهو! سڀ پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ٺيڪ آهن.

لَاحَوْلَ وَلَا قُوَّة اِلَّا بِاللہِ، آخر هي ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته سڀ ئي ٺيڪ هجن؟ هڪ مسلمان آهي، هڪ غير مسلم آهي، ٻئي ٺيڪ ڪيئن هوندا؟ هڪ الله پاڪ کي مڃڻ وارو آهي، ٻيو الله پاڪ جو انڪار ڪرڻ وارو آهي، ٻئي ڪيئن ٺيڪ هوندا؟ هڪ سچو آهي، ٻيو ڪوڙو آهي هڪ نمازي آهي، ٻيو بي نمازي آهي هڪ ماءُ پيءُ جا هٿ چمڻ وارو آهي، ٻيو ماءُ پيءُ کي گاريون ڏيڻ وارو آهي، آخر هي ٻئي ٺيڪ ڪيئن ٿي سگهن ٿا؟ يقيناً انهن مان هڪ غلط آهي ۽ جيڪو غلط آهي، ان کان بيزاريءَ جو اظهار ڪيو ويندو. جيڪڏهن اسان هي نه ڪنداسين ته زمين ۾ فساد پکڙجي ويندو.

بني اسرائيل جو   هڪ برو    وصف

حضرت عبدُ الله بن مسعود رَضِیَ اللهُ عَنْہُ کان روايت آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: بني اسرائيل ۾ جيڪو سڀ کان پهريان نقصان آيو، اهو هي هو ته هڪ شخص ٻئي سان ملندو ۽ ان کي ڪنهن گناھ ۾ ڏسي ڪري ان کي برائي کان منع ڪندو هو، ٻئي ڏينهن ٻيهر