Zameen Mein Fasad Mat Phailaiy

Book Name:Zameen Mein Fasad Mat Phailaiy

فَسَاد فِي الاَرۡض ڇا  آهي؟

پيارا اسلامي ڀائرو! الله ڪريم فرمايو:

وَ اِذَا قِیۡلَ لَہُمۡ لَا تُفۡسِدُوۡا فِی الۡاَرۡضِ ۙ  

(سيپارو:1، سوره بقرہ: 11)

ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ جڏهن انهن کي چيو وڃي ته زمين ۾ فساد نه ڪيو.

يعني منافقن کي چيو ويندو آهي ته توهان زمين ۾ فساد نه ڦهلايو! هاڻي هتي هڪ بنيادي سوال ذهن ۾ اچي ٿو ته آخر منافق اهڙو ڪهڙو ڪم ڪندا هئا، جنهن کان انهن کي روڪيو ويو ۽ چيو ويو ته هي ڪم فساد جو آهي، لهٰذا توهان هي نه ڪيو! ان ضمن ۾ مفسرينِ ڪرام منافقن جي ڪجھ ڪمن جي نشاندهي ڪئي آهي.

(1): غير مسلمن سان دوستي رکڻ

منافقن جو هڪ بُرو ڪم هي هو ته هي ماڻهو مسلمانن سان به دوستيءَ جو اظهار ڪندا هئا ۽ ساڳئي وقت غير مسلمن سان به محبت رکندا هئا، انهن سان به ميل جول ڪندا هئا.[1] ڄڻ ته انهن جو ڪردار اهڙو هو جو:

باغباں بھی خوش رہے، راضِی رہے صَیَّاد بھی

يعني هي بدبخت هڪ طرف ته مسلمانن کي خوش رکڻ لاءِ انهن سان دوستيءَ جو اظهار ڪندا هئا، ٻئي طرف پنهنجن غير مسلم آقائن کي به راضي رکڻ چاهيندا هئا ۽ چوندا ڇا هئا ته اسان اصلاح چاهيون ٿا، اسان ڪنهن سان به نفرت نٿا ڪيون، اسان سڀني سان ئي تعلق جوڙي رکون ٿا. ان تي انهن کي چيو ويو ته توهان جو هي بُرو عمل اصلاح ناهي بلڪه فساد آهي.

هي وڏي واضح ڳالهه آهي *باهه ۽ پاڻيءَ کي جمع نٿو ڪري سگهجي. جيڪڏهن اسان باهه ۽ پاڻيءَ کي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳنداسين ته باهه پاڻيءَ کي ساڙي ڇڏيندي، پاڻي باهه کي وسائي ڇڏيندو، نتيجي طور نه باهه


 

 



[1]...تفسیرِ کبیر،پارہ:1 ،سورۂ بقرہ،زیرِ آیت:11 ،جلد:1 ،صفحہ:306۔