Book Name:Zameen Mein Fasad Mat Phailaiy
پڙهنديون آهن، ان لاءِ باقاعده باسون باسينديون آهن، عورتن کي جمع ڪنديون آهن، مِٺيءَ (شيءِ) جو اهتمام ٿيندو آهي، پوءِ نيڪي سمجهي اها ڏهن بيبين جي ڪهاڻي پڙهي ويندي آهي. اصل ۾ هي ڏهن بيبين جي ڪهاڻي ڇا آهي؟ نِسورو ڪوڙ آهي، هٿ ٺوڪيون ڳالهيون آهن، ان ۾ نيڪي واري ڪا به ڳالهه ناهي، نه ان جي ڪا شرعي حيثيت آهي، بس وقت ئي ضايع ٿيندو آهي، اهڙي طرح اسان وٽ صدقي جو هڪ عجيب مفهوم لڌو ويندو آهي. قرآن و حديث ۾ صدقي جا تمام گهڻا فضائل آيا آهن. اسان وٽ ماڻهو ڇا ڪندا آهن؟ صدقو ڪرڻو آهي ته بازار مان 2، 4 ڪلو گوشت ورتو، جنهن جو صدقو ڏيڻو آهي، ان جي مٿان گهوريو ۽ ائين ئي ڪچو گوشت قبرستان ۾ اڇلائي آيا. هي صدقو ٿي ويو، الله پاڪ جي پناهه...!!
هاڻي جتي گوشت اڇلايو آهي، جيڪڏهن اتي گوشت کائيندڙ جانور هجن ۽ اهي گوشت کائي وٺن، پوءِ ته خير آهي، نه ته ضايع ٿي ويندو ۽ کائڻ پيئڻ جون شيون ضايع ڪرڻ گناهه جو ڪم آهي. الله پاڪ فرمائي ٿو:
اِنَّ الْمُبَذِّرِیْنَ کَانُوْۤا اِخْوَانَ الشَّیٰطِیْنِ ؕ
(سيپارو: 15، سوره بني اسرائيل: 27)
ترجموڪنزُالعرفان: بيشڪ فضول خرچي ڪندڙ شيطانن جا ڀائر آهن.
خير! ماڻهو هي ڪم ڇو ڪندا آهن؟ نيڪي سمجهي ڪري، حقيقت ۾ ڇا آهي؟ گناهه جو ڪم. اصل ۾ صدقو هي آهي ته رقم يا ڪا ٻي شيءِ، مثال طور جيڪڏهن گوشت جو ئي صدقو ڏيڻو آهي ته اهو گوشت ڪنهن غريب کي ڏئي ڇڏجي، مدرسي ۾ شاگردن کي کارائي ڇڏجي. اهڙي طرح مسجد ۾ چندو ڏئي ڇڏڻ، مدرسي ۾ چندو ڏئي ڇڏڻ، دعوتِ اسلامي جي ديني ڪمن ۾ حصو شامل ڪري ڇڏڻ وغيره، هي صدقو آهي.
خير! اسان کي حقيقت پسند بڻجڻ گهرجي، اهي ڪمَ ڪيون جيڪي واقعي نيڪ ڪم آهن. جهالت جي بنياد تي ماڻهو گناهه کي نيڪي سمجهي ويهندا آهن. ان ڪري اسان کي علمِ دين سکڻ گهرجي، عاشقانِ رسول علماءِ ڪرام کان پڇي پڇي هلڻ گهرجي. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.