• khutba bismillah

Personality Websites!

  • About Muhammad صلی اللہ علیہ وسلم
  • Abdul Qadir Jilani رحمۃ اللہ علیہ
  • Imam Ahmed Raza رحمۃ اللہ علیہ
  • Maulana Ilyas Qadri
  • Haji Ubaid Raza
  • Mufti Qasim Attari

Countries Websites

  • Pakistan
  • USA
  • Canada
  • UK
  • Korea
  • Australia
  • Bangladesh

Popular Websites

  • Hajj and Umrah
  • Darul Ifta Ahlesunnat
  • Al Quran Karim
  • Obligatory Knowledge
  • Islamic Sisters
  • New Muslim
  • Special Persons
  • Muslim Funeral
  • Tree Plantation
  • Build Masajid
  • Faizan Online Academy
  • Monthly Magazine
  • Rohani Ilaj
Al Quran Books Madani Channel
dawateislami logo
Magazine Courses Media
Donate
    Donate
    • Home arrow icon
    • Islamic Speeches arrow icon
    • زمين ۾ فساد نه پکيڙيو arrow icon
    • page 6
    book-logo
    book_icon
    زمين ۾ فساد نه پکيڙيو
    Share
    close

    Share this link via

    zoom-in
    zoom-out
    full screen
    • zoom-in
    • zoom-out
    • full screen
    GO

    پڙهنديون آهن، ان لاءِ باقاعده باسون باسينديون آهن، عورتن کي جمع ڪنديون آهن، مِٺيءَ (شيءِ) جو اهتمام ٿيندو آهي، پوءِ نيڪي سمجهي اها ڏهن بيبين جي ڪهاڻي پڙهي ويندي آهي. اصل ۾ هي ڏهن بيبين جي ڪهاڻي ڇا آهي؟ نِسورو ڪوڙ آهي، هٿ ٺوڪيون ڳالهيون آهن، ان ۾ نيڪي واري ڪا به ڳالهه ناهي، نه ان جي ڪا شرعي حيثيت آهي، بس وقت ئي ضايع ٿيندو آهي، اهڙي طرح اسان وٽ صدقي جو هڪ عجيب مفهوم لڌو ويندو آهي. قرآن و حديث ۾ صدقي جا تمام گهڻا فضائل آيا آهن. اسان وٽ ماڻهو ڇا ڪندا آهن؟ صدقو ڪرڻو آهي ته بازار مان 2، 4 ڪلو گوشت ورتو، جنهن جو صدقو ڏيڻو آهي، ان جي مٿان گهوريو ۽ ائين ئي ڪچو گوشت قبرستان ۾ اڇلائي آيا. هي صدقو ٿي ويو، الله پاڪ جي پناهه...!!

       هاڻي جتي گوشت اڇلايو آهي، جيڪڏهن اتي گوشت کائيندڙ جانور هجن ۽ اهي گوشت کائي وٺن، پوءِ ته خير آهي، نه ته ضايع ٿي ويندو ۽ کائڻ پيئڻ جون شيون ضايع ڪرڻ گناهه جو ڪم آهي. الله پاڪ فرمائي ٿو:

    اِنَّ الْمُبَذِّرِیْنَ کَانُوْۤا اِخْوَانَ الشَّیٰطِیْنِ ؕ

    (سيپارو: 15، سوره بني اسرائيل: 27)

    ترجموڪنزُالعرفان: بيشڪ فضول خرچي ڪندڙ شيطانن جا ڀائر آهن.

    خير! ماڻهو هي ڪم ڇو ڪندا آهن؟ نيڪي سمجهي ڪري، حقيقت ۾ ڇا آهي؟ گناهه جو ڪم. اصل ۾ صدقو هي آهي ته رقم يا ڪا ٻي شيءِ،  مثال طور جيڪڏهن گوشت جو ئي صدقو ڏيڻو آهي ته اهو گوشت ڪنهن غريب کي ڏئي ڇڏجي، مدرسي ۾ شاگردن کي کارائي ڇڏجي. اهڙي طرح مسجد ۾ چندو ڏئي ڇڏڻ، مدرسي ۾ چندو ڏئي ڇڏڻ، دعوتِ اسلامي جي ديني ڪمن ۾ حصو شامل ڪري ڇڏڻ وغيره، هي صدقو آهي.

       خير! اسان کي حقيقت پسند بڻجڻ گهرجي، اهي ڪمَ ڪيون جيڪي واقعي نيڪ ڪم آهن. جهالت جي بنياد تي ماڻهو گناهه کي نيڪي سمجهي ويهندا آهن. ان ڪري اسان کي علمِ دين سکڻ گهرجي، عاشقانِ رسول علماءِ ڪرام کان پڇي پڇي هلڻ گهرجي. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.


     

     

    zoom-in
    zoom-out
    full screen
    • zoom-in
    • zoom-out
    • full screen
    GO

    BOOK TOPIC

    left-arrow
    • درودِ پاڪ جي فضيلت
    • آيتِ ڪريمه مان ملندڙ سبق
    • (1) چڱائيءَ کي چڱائي ۽ بُرائيءَ کي بُرائي ئي سمجهو!
    • سڀ کان وڌيڪ نقصان ۾ ڪير...؟
    • گناهه کي نيڪي سمجهڻ جا ٻه مثال
    • فَسَاد فِي الاَرۡض ڇا آهي؟
    • (1): غير مسلمن سان دوستي رکڻ
    • محبت ۽ نفرت ٻئي ضروري آهن
    • بني اسرائيل جو هڪ برو وصف
    • فسادن جي شروعات ڪيئن ٿي...؟
    • گناه کان بيزاري جو اظهار ڪيو!
    • (2): چغلي هڻڻ
    • ڳالھ وڃي قتل تائين پهتي
    • چغلي جي متعلق 3 مبارڪ حديثون
    • (3): اعلانيه گناھ ڪرڻ
    • نافرماني آفتن ۽ بلائن جو سبب آهي
    • جانور لعنت موڪليندا آهن...!
    • بيان جو خلاصو
    • نيڪ اعمال (Naik Amal) موبائل ايپلي ڪيشن
    • اَسۡمَاءُ الحُسنيٰ جون برڪتون (وظيفو)
    footer logo

    Dawateislami is one of the great Islamic organizations in the world.

    Important

    • Social and Welfare
    • Books
    • Islamic Events
    • Magazine
    • Activities
    • Islamic Education

    Mobile Apps

    • Sirat ul Jinan
    • Al Quran ul Kareem
    • Prayer Times
    • Faizan e Hadees
    • Digital Services
    • Kalma & Dua

    Contact Us

    • phone (+92) 21-34921388-93
    • phone (+92) 21-111-25-26-92
    • emial support@dawateislami.net
    • pin location Global Madani Markaz, Faizan-e-Madina, Near Capital Telephone Exchange, Main University Road, Karachi, Pakistan

    ©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami