Book Name:Zameen Mein Fasad Mat Phailaiy
قُلْ ھَلْ نُنَبِّئُکُمْ بِالْاَخْسَرِیْنَ اَعْمَالًا (۱۰۳)ؕ اَلَّذِیْنَ ضَلَّ سَعْیُہُمْ فِی الْحَیٰوۃِ الدُّنْیَا وَ ھُمْ یَحْسَبُوْنَ اَنَّہُمْ یُحْسِنُوْنَ صُنْعًا (۱۰۴)
(سيپارو: 16، سوره ڪهف: 103، 104)
ترجموڪنزُالعرفان: اوهان فرمايو ڇا اسان توهان کي ٻڌايون ته سڀ کان وڌيڪ ناقص عمل وارا ڪير آهن؟، اُهي ماڻهو جن جي سڄي ڪوشش دنيا جي زندگي ۾ ئي ضايع ٿي وئي جڏهن ته اهي هي گُمان ڪري رهيا آهن ته هُو سٺو ڪم ڪري رهيا آهن.
هي آهي اهو بد نصيب جيڪو قيامت جي ڏينهن سڀ کان وڌيڪ نقصان ۾ هوندو. اهو ڪير آهي؟ اهو جيڪو دنيا ۾ پنهنجي طور تي نيڪيون ڪندو رهيو، هي سمجهندو رهيو ته منهنجي اعمال نامي ۾ ته ڪافي نيڪيون جمع ٿي رهيون آهن، مان ته آخرت جي ڪافي تياري ڪري رهيو آهيان. پر جڏهن اهو قبر ۾ لهندو، قيامت جي ڏينهن الله ڪريم جي بارگاهه ۾ پهچندو، جڏهن ان جي هٿ ۾ اعمال نامو ڏنو ويندو، تڏهن خبر پوندي ته مان جيڪي ڪمَ نيڪي سمجهي ڪندو رهيو آهيان، اهي ته نيڪي هئا ئي نه، اهي سڀ گناهه جا ڪمَ هئا. مان جنت جي تياري ڪري رهيو هيس پر ڪم سڀ اهي ڪيا جيڪي جهنم ۾ وٺي وڃڻ وارا هئا. هي سڀ کان وڌيڪ نقصان ۾ آهي. ان ڪري اسان کي گهرجي ته اسان پنهنجين اکين تي پردا نه اچڻ ڏيون، اسان جيڪو ڪري رهيا آهيون، ان بابت باقاعده قرآن و حديث جي روشنيءَ ۾، علماءِ ڪرام کان پڇي پڇي ديني معلومات حاصل ڪيون، اسان کي يقين سان معلوم هجڻ گهرجي ته جيڪو مان ڪري رهيو آهيان اهو واقعي نيڪيءَ جو ڪم آهي. ڪٿي ائين نه ٿئي جو اهو ڪم اصل ۾ گناهه جو هجي ۽ اسان ان کي نيڪي سمجهي ڪندا وڃون.
گناهه کي نيڪي سمجهڻ جا ٻه مثال
افسوس جي ڳالهه آهي، اسان جي معاشري ۾ ائين ٿي رهيو آهي، ديني معلومات جي تمام گهڻي گهٽتائي آهي، ڪيترا ئي اهڙا ڪم آهن جيڪي اصل ۾ گناهه آهن يا فضول آهن پر ماڻهو اهي ڪم نيڪي سمجهي ڪري رهيا هوندا آهن: مثال طور گهرن ۾ عورتون ڏهن بيبين جي ڪهاڻي