Zameen Mein Fasad Mat Phailaiy

Book Name:Zameen Mein Fasad Mat Phailaiy

(1) چڱائيءَ کي چڱائي ۽ بُرائيءَ کي بُرائي ئي سمجهو!

سڀ کان پهرين ۽ تمام ضروري ڳالهه هي سکڻ لاءِ ملي ته اسان کي هميشه حقيقت پسند رهڻ گهرجي. منهنجي دماغ ۾ ڇا هلي رهيو آهي، منهنجي سوچ، منهنجو نظريو ڇا آهي، هي ڳالهه اهم ناهي. اهم هي آهي ته اصل حقيقت ڇا آهي؟ اسان زميني حقيقتن (Ground Reality) کان انڪار نٿا ڪري سگهون. اهو ئي منافقن جو عيب هو، هي زميني حقيقتن(Ground Reality) جو انڪار ڪري رهيا هئا. هي جيڪو ڪجهه ڪري رهيا هئا، ان سان ٿي ڇا رهيو هو؟ فساد پکڙجي رهيو هو، پر منافق سمجهي ڇا رهيا هئا؟ اسان فساد کي ختم ڪري رهيا آهيون.

هي تمام وڏو عيب آهي، ان کي جَهلِ مُرَڪَّب چوندا آهن. جهالت پاڻ هڪ عيب آهي، پوءِ ان ۾ به وڌيڪ درجا هوندا آهن:(1)  هڪ هوندو آهي جَهلِ مُطلَق: يعني اهڙو ماڻهو جيڪو آهي جاهل ۽ اهو پاڻ کي جاهل به سمجهي  ٿو. اهڙو شخص پنهنجي اصلاح جي ڪوشش ڪري وٺندو آهي، سمجهائڻ سان هدايت جي راهه تي اچي ويندو آهي، جڏهن ان کي پنهنجي جهالت جو احساس ٿيندو آهي ته علمِ دين سکڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳندو آهي، پاڻ کي عالم سمجهي خطائون ناهي ڪندو. (2) ۽ ٻيو هوندو آهي جَهلِ مُرَڪَّب: يعني اهو شخص جيڪو آهي جاهل پر پاڻ کي عالم سمجهي ويٺو آهي. هي تمام وڏو عيب آهي، ظاهر آهي جڏهن انسان پنهنجي عيب کي ئي هنر سمجهي ويهي ته ان کي سمجهائڻ، ان جو هدايت جي راهه تي اچڻ نهايت ڏکيو ٿي ويندو آهي. هي ڪافرن جو وصف آهي ته اهي پنهنجي بُرن ڪمن کي سٺو سمجهي رهيا هوندا آهن. الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

زُیِّنَ لَہُمْ سُوْٓ ءُ  اَعْمَالِہِمْ ؕ

(سيپارو:10، سوره توبه: 37)

ترجموڪنزُالعرفان: انهن جا بُرا ڪم انهن جي لاءِ سينگاريا ويا.

سڀ کان وڌيڪ نقصان ۾ ڪير...؟

توهان کي معلوم آهي: روزِ قيامت سڀ کان وڌيڪ نقصان ۾ ڪير هوندو؟ الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو: