Zameen Mein Fasad Mat Phailaiy

Book Name:Zameen Mein Fasad Mat Phailaiy

قَالُوْۤا اِنَّمَا نَحْنُ مُصْلِحُوْنَ (۱۱)

ترجموڪَنْزُالعرفان: ته چوندا آهن اسان ته صرف اصلاح ڪرڻ وارا آهيون

ان کي چوندا آهن: اُبتو چور ڀاڳيئي کي دڙڪا ڏئي، انهن کي چيو ويو: توهان زمين ۾ فساد نه پکيڙيو...! پر هي اهڙا بدبخت آهن جو پنهنجي غلطي مڃڻ بدران سمجهائڻ واري کي چون ٿا: اسان ته زمين ۾ فساد پکيڙيون ئي نٿا، اصل فسادي ته توهان آهيو، اسان فسادي ناهيون بلڪه اسان ئي ته آهيون جيڪي فساد ختم ڪري رهيا آهيون. الله پاڪ فرمايو:

اَلَاۤ اِنَّہُمْ ھُمُ الْمُفْسِدُوْنَ وَ لٰکِنْ لَّا یَشْعُرُوْنَ (۱۲)

ترجموڪَنْزُالعرفان: ٻڌو! بيشڪ اهي ئي ماڻهو فساد پکيڙڻ وارا آهن پر انهن کي شعور ناهي.

يعني انهن منافقن جي دل ۾ بيماري آهي ۽ هي بيماري انهن تي ايتري قدر غالب اچي چڪي آهي جو انهن کي بُري ڀلي جي تميز به ناهي رهي. هي آهن فسادي، زمين ۾ فساد پکيڙيندا آهن، باهه ۽ پاڻيءَ کي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهن پر سمجهي هي رهيا آهن ته اسان فسادي ناهيون بلڪه اصلاح ڪرڻ وارا آهيون.

هي آهي منافقن جو هڪ عيب ته انهن جي عقل ۾ فتور اچي چڪو آهي ۽ بُري ڀلي جو فرق سڃاڻڻ کان به انڌا ٿي چڪا آهن. الله ڪريم اسان کي اهڙي نحوست کان محفوظ فرمائي. اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن   صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                                    صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

آيتِ ڪريمه مان ملندڙ سبق

پيارا اسلامي ڀائرو! هي ٻه قرآني آيتون اسان ٻڌڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي. انهن مبارڪ آيتن مان اسان کي ڪيتريون ئي ڳالهيون سکڻ لاءِ ملن ٿيون: