Book Name:Zameen Mein Fasad Mat Phailaiy
مختصر وضاحت ٻڌي چڪا آهيون. انهن 3 آيتن ۾ بنيادي طور تي منافقن جا 4 عيب بيان ٿيا آهن. (1): منافقن جي ظاهر ۽ باطن ۾ تضاد آهي، هي دل ۾ ڪفر رکندا آهن ۽ زبان سان ڏيکاءَ طور ڪلمو پڙهندا آهن. (2): هي بدبخت الله پاڪ ۽ اهلِ ايمان کي ڌوڪو ڏيڻ جي ڪوشش ۾ آهن، پر حقيقت هي آهي ته خود فريبي (يعني پاڻ کي ئي ڌوڪو ڏيڻ) ۾ مصروف آهن. (3): انهن جي دلين ۾ شڪ ۽ حسد جي بيماري آهي. (4): ۽ هي بد انجام الله ۽ رسول جي حضور ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ جي ناپاڪ جسارت به ڪندا آهن.
انهيءَ سلسلي جون ٻه آيتون (آيت: 11 ۽ 12) اڄ اسان ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي، انهن ٻن آيتن ۾ منافقن جي هڪ ٻئي عيب جو ذڪر آهي، مفهوم جو خلاصو هي آهي ته نفاق جي سبب انهن منافقن جي مت ماري وئي آهي، انهن جي عقل ۽ سمجهه بلڪل بيڪار ٿي چڪي آهي، هي باهه کي پاڻي ۽ پاڻي کي باهه سمجهي رهيا آهن. يا هيئن چئو ته پوئين آيتن ۾ ٻڌايو ويو هو ته منافق خود فريبي ۾ مبتلا آهن، هتي انهن جي خود فريبي جو هڪ مثال ڏنو پيو وڃي، جيئن ته الله پاڪ منافقن جي هڪ سڃاڻپ ٻڌائيندي فرمايو:
وَ اِذَا قِیْلَ لَہُمْ
ترجموڪنزُالعرفان: ۽ جڏهن انهن کي چيو وڃي.
يعني ڪو سچو پڪو مسلمان، عقلِ سليم رکڻ وارو انهن جي بُرن ڪمن کي ڏسي ڪري جڏهن انهن کي چوي:[1]
لَا تُفْسِدُوْا فِی الْاَرْضِ ۙ
ترجمو ڪنزُالعرفان: زمين ۾ فساد نه ڪيو
جڏهن ڪا نصيحت ڪئي وڃي ته انسان کي گهرجي ته سامهون واري جي ڳالهه توجهه سان ٻڌي، ڪجهه غور و فڪر ڪري، سنجيدگيءَ سان ڏسي وٺي ته منهنجو جيڪو عيب مون کي ٻڌايو پيو وڃي، ڪٿي واقعي اهو عيب مون ۾ آهي ته نه؟ جيڪڏهن واقعي اهو عيب هجي ته ان کي دور ڪري ڇڏڻ گهرجي. پر هي منافق هئا، انهن جي دلين ۾ بيماري هئي، انهن جي عقل ۾ فتور اچي چڪو هو: