Book Name:Zameen Mein Fasad Mat Phailaiy
درست
ڇا آهي؟
(درست شرعي مسئلو ۽ عوام ۾ مشهور غلطي جي نشاندهي)
مسئلو: نمازِ جنازه لاءِ جيڪو وضو ڪيو، انهيءَ وضوءَ سان باقي نمازون به پڙهي سگهجن ٿيون. ([1])
وضاحت: هي هڪ عوامي غلط فهمي آهي ته ماڻهو سمجهن ٿا: جنهن وضوءَ سان نمازِ جنازه ادا ڪئي هجي ان وضوءَ سان ٻيون نمازون نٿيون پڙهي سگهجن. ائين ناهي. نمازِ جنازه ۽ ٻين نمازن جي وضوءَ ۾ ڪو فرق ناهي. مثال طور، نمازِ ظهر لاءِ جيڪو وضو ڪيو، ان سان نمازِ جنازه به پڙهي سگهجي ٿي نمازِ جنازه لاءِ جيڪو وضو ڪيو، انهيءَ سان نمازِ ظهر به ادا ڪري سگهجي ٿي. البته نمازِ جنازه لاءِ ڪجھ صورتن ۾ پاڻي موجود هوندي به تيمم ڪرڻ جي اجازت هوندي آهي، هي تيمم صرف نمازِ جنازه لاءِ ئي آهي، ان تيمم سان ٻيون نمازون نٿيون پڙهي سگهجن. ([2])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
اَسۡمَاءُ الحُسنيٰ جون برڪتون (وظيفو)
يَارَزَّاقُ
جيڪو به نمازِ فجر جي فرض ۽ سنت جي وچ ۾ 41 ڏينهن تائين 550 ڀيرا (يَا رَزَّاقُ) پڙهندو اِنْ شَآءَاللہُ الْکَرِیْم! دولت مند ٿيندو. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي. اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم